پير ڪرارو: ضلعي نوشهري فيروز جي شھر خانواهڻ جي اولھہ ۾ هڪ قديم قبرستان آهي، جتي ڪيترائي ولي، ڪامل، درويش ۽ وقت جا بينظير شخص دفن ٿيل آهن. پير ڪرارو هن مقام جو سرموڙ بزرگ آهي. چون ٿا تہ اصل ۾ هيءُ هڪ سيلاني مجذوب ۽ سالڪ هو. کيس دنيا جي ڪا بہ تمنا نہ هوندي هئي. تذڪري نگار لکن ٿا تہ پير ڪرارو هڪ بيواھہ عورت جي مال کي بچائيندي چورن هٿان شھيد ٿيو. سندس شهادت کان پوءِ چور ڏاڍا پشيمان ٿيا ۽ سڄي زندگي سندس قبر تي مجاور ٿي گذاريائون. سندس قبر مٿان قبو وغيرہ ڪونهي، صرف ڪچي چوکنڊي ۽ ديوار آهي. هتي هر سال عرس مهيني ۾ ميلو لڳايو ويندو آهي. ڪلهوڙن جي پوئين دؤر جو درويش قاضي طيب الدين، قاضي محمد اشرف ۽ سيد ڪرم علي شاھہ بہ پير ڪراري جي قبرستان ۾ دفن ٿيل آهن.