پير ڪرم الله انصاري دلبر سائين

پير ڪرم الله انصاري دلبر سائين

پير ڪرم ﷲ انصاري دلبر سائين

پير ڪرم ﷲ انصاري ’دلبر سائين ‘:پير ڪرم ﷲ ولد پير الاهي بخش انصاري جي ولادت 29 جمادي الثاني 1385 ھہ/ 26 آڪٽوبر 1965ع تي ضلعي دادو جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ خانپور ۾ ٿي. قرآن شريف حافظ نظام الدين وٽ پڙهيائين. فارسيءَ جا ڪتاب مولوي ڌڻي بخش لغاري، مولوي فيض محمد کوسي وٽ مدرسي رياض الهديٰ خانپور ۾ پڙهيائين. صرف ۽ نحو ساڳئي مدرسي ۾ مولانا غلام قادر لغاريءَ وٽ پڙهيائين. درسِ نظامي جا باقي ڪتاب مولانا مولوي گل حسن سومري وٽ مدرسي عربيه انوار الاهي فضل آباد ماتليءَ ۾ پڙهيائين ۽ دُورهِ حديث پنھنجي والد محترم وٽ مڪمل ڪيائين. قرائت قاري غلام حيدر تونسويءَ وٽ شھدادپور ۾ پڙهيائين. احاديثِ نبويه جي اجازت علامہ فيض احمد اويسي بھاولپور واري کان حاصل ڪيائين. سترهن حديثون مسلسل سَنَد سان (جن ۾ مصافحه واري حديث بہ شامل آهي) عرب عجم جي استاد، سيد محمد بن علوي المالڪي المڪيءَ کان ٻڌي، لکت ۾ اجازت ۽ سند حاصل ڪيائين. بخاري، مسلم، مؤطا امام محمد، مؤطا امام مالڪ ۽ شمائل ترمذيءَ جي اجازت سماعةً ۽ قرائةً شيخ حبيب ﷲ مدنيءَ کان حاصل ڪائين. ان کان سواءِ سندس استادن ۾ علامہ احمد ڪوهستاني، مولانا جلال الدين جمالي، محمد قاسم عباسي نصير آبادي، شيخ علي احمد سنديلو بہ شامل آهن. شيخ سنديلي کان بيضاويءَ جي مختلف طُرق سان اڻٽيھہ سَنَدن سان اجازت حاصل ڪيائين. سلسلي نقشبنديه جي اجازت پنھنجي والد کان ۽ سلسله قادريه جي تڪميل جي اجازت بمعه سنَد، بغداد مان شيخ المشائخ محمد بن عبد الڪريم قادريءَ کان حاصل ڪيائين. حلب (شام) جي برک عالم ۽ محدث، دراساتِ قانونية والسياسية جي امام شيخ محمد عبدالرزاق اسود کان حديث ۽ علم قانون جا سبق پڙهي سنَد حاصل ڪيائين. پرائمري کان ميٽرڪ تائين پنھنجي جنم ڀومي خانپور ۾ تعليم پرايائين انٽر ڊگري ڪاليج ماتليءَ مان پاس ڪيائين. پوءِ سندس والد جي طبيعت ناساز رهڻ لڳي تہ ان کيس پنھنجي زندگيءَ ۾ پنهنجو جانشين مقرر ڪيو. 24 ربيع الاول 1411ھہ/ 14 آڪٽوبر 1990ع تي

والد جي وفات بعد پوري جماعت جو اڳواڻ بنيو. ان کان پوءِ اڄ تائين ڏينهن رات تبليغ ۽ تدريس ۾ مشغول آهي. سنڌ ۾ سندس چار مرڪز آهن، جتي هر ماھہ محفلون ٿينديون آهن. (1) فضل آباد ماتلي ضلعو بدين، (2) جامعہ مدينة العلم، ملير ڪراچي، (3) موري ۾ دلبرآباد، (4) دادوءَ ۾ ڪرمپور.
پير صاحب هن وقت تائين علمي، فڪري، روحاني، سياسي، سماجي، معاشي ۽ معاشرتي موضوعن تي 100 کان مٿي ڪتاب ۽ ڪتابڙا لکي چڪو آهي. جن مان اڪثر ڇپجي منظر عام ۾ آيا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن مان ڪجهہ ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
(1) توحيد و رسالت. (سنڌي، اردو )، (2) مديني جي حاضري شريعت جي آئيني ۾( سنڌي، اردو)، (3) طَرِيقُ الجَنَّةِ، (4) ميلادِ مصطفيٰ، (5) حِفظُ القُرآن، (6) اَلحَدِيثُ وَعُلُومُه، (7) اَلعِلمُ وَالعُلَمَاء، (8) اَلاِجتِنَابُ عَن ضَرْبِ الطُّلّابِ، (9) اَلمَسَاجِد وَالمَدَارِس، (10) اَلنِّفَاقُ وَالمُنَافِقُون، (11) رَهنُمَا (فَتَاوَيٰ نَـبَوِيَّة)، (12) اَلجِهَادُ اَلجِهَادُ، (13) مَوَاعِظِ حَسَنَة (ٽي جلد)، (14) مَوَاعِظِ ڪَرَمِيَه، (15) گهر ۽ گهر وارا، (16) خودڪُشي، (17) حُسنِ اخلاق، (18) انقلابِ مصطفيٰ، (19) وياج جي وبا، (20) حسد جي باھہ، (21) دوستي، (22) قـبـر جي پڪـار، (23) شـانِ اولياء، (24) عِمَادُ الـدِّيـن، (25) فضائل شـب بـرات، (26) فضائلِ رمضان، (27) روئڻ واري اک (سنڌي اردو)، (28) سفرنامه حرمين شريفين، (29) سفرنامه عراق شام (منظوم)، (30) قَصِيدَةُ الڪَرَم بِاَسمَاءِ سَيّد العَرَب وَالعَجَم، (31) الفت جو آواز، (32) گلدسته الاهي، (33) سماج کي سنيهو، تصوف، (34) صِرَاطُ الصَّالِحِينَ، (35) اعـمـال جا اثـرات، (36) جيئڻ جا اصول، (37) پيغامِ حق (عصري مسائل)، (38) شهداءِ ڪربلا (سنڌ جي عالمن ۽ مشائخن جي سوانح)، (39) سوانح حيات حضرت پير مٺا سائين، (40) فرمودات محبوب الاهي، (41) عقائد اهلسنت، (42) خوابن جو جهان، (43) عصري مسائل ۽ اسلام، (44) زندگي جو سفر، (45) هڪ سؤ حقيقتون، (46) ديوانِ ڪرم، (47) ٽيھہ اکري، (48) خانقاهي نظام، (49) ڳالھہ جا مونکي وڻي، (50) القلم والڪرم، (51) ڊائريون وغيرہ.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.10.26  عيسوي

پير ڪرم الله انصاري جي ولادت 29 جمادي الثاني 1385 هه/ 26 آڪٽوبر 1965ع تي ضلعي دادو جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ خانپور ۾ ٿي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قادر بخش ڀٽي مولانا
فاروق رند
الستي عبدالغفور
رهندو مل هسيجا
پنهور رشيده اختر
اتا ترڪ ڪمال
جانڪي ديوي ٿانواڻي
محمدعثمان سومرو
بيگم مريم حاتم بدرالدين طيب جي
عمرو بن مسلم الباهلي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون