پير ڪَٽپر: هيءَ ريلوي اسٽيشن، ڪٽپر ذات جي مشهور درويش ’پير ڪٽپر‘ جي نالي سان منسوب آهي، جيڪا محرابپور ۽ روهڙيءَ جي وچ ۾ آهي. پير ڪٽپر ڳوٺ تعلقي ڪنگري ضلعي خيرپور جي ديهه اُلرا ۾ آباد آهي.