پير ڳوٺ شڪارپور: هيءُ ڳوٺ پير ڳوٺ جي نالي سان شڪارپور کان پنجن ميلن جي فاصلي تي سنڌ واھہ جي ڪپ تي آباد آهي. جڏهن حضرت پير خواجہ غلام محي الدين سرهندي رح پنھنجي خاندان 1221ھہ/1806ع ۾ ٻيهر سنڌ ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي تہ سنڌ جي ميرن سندس گهڻي عزت ڪئي ۽ کيس ڪيترائي ايڪڙ زمين جاگير طور ڏني. يعني هيءُ ڳوٺ بہ سرهندي بزرگن جو ٻڌايل آهي. خواجہ غلام محي الدين جو هڪ فرزند حضرت پير فدا محي الدين رح وفات 1262ھہ پنھنجي جاگير واقع پير ڳوٺ ۾ رهندو هو، جتي سندس مزار تي عاليشان مقبرو جڙيل آهي. ان کان علاوہ هتي مسجد شريف پير محمد اشرف جان سرهندي نقشبندي موجود آهي، جيڪا هن وقت زبون حالت ۾ آهي، پر فنِ تعمير جو نادر نمونو آهي. خواجہ امير حيدر سرهندي ۽ ٻين بزرگن جون مزارون آهن. حقيقت ۾ هيءُ ڳوٺ عوام ۽ خاص لاءِ زيارت گاھہ آهي.