پير ھاشم شاھہ جو مقبرو: هي مقبرو مٽياري شھر ۾ آهي. چورس رٿ جو هي مقبرو 28x28 فوٽن جو آهي، جيڪو 1175ھہ/1761ع ھجريءَ ۾ جڙي راس ٿيو. اهڙو ڪتبو مقبري تي لڳل آهي. هي پڪين سرن جو ٺھيل مقبرو مٽيارين جي شھر جي اولھہ ۾ آھي. حيدرآباد- سکر ايندي ويندي نظر ايندو آھي. اندر وري ٻاھر ڪاشيءَ جو سھڻو ڪم ٿيل آهي. مقبرو اصل حالت ۾ نٿو رھي جو وقت بہ وقت سندس مرمت ٿيندي اچي ٿي. مقبري ۾ اندر الھيار شاھہ ۽ نورشاھہ جون تربتون آھن. مقبري کي چوڌاري ننڍڙو ڪوٽ بہ ڏنل آھي.
پير هاشم شاھہ بن سيد آدم شاھہ بن سيد آيل شاھہ بن سيد ناليچڱو بن سيد محمد حافظ بن سخي رڪن الدين شاھہ، جنهن جو مقبرو مٽياريءَ ۾ آهي. پنھنجي وقت جو پرهيزگار شخص هو. روايت آهي تہ لطيف سائين جو پيءُ سيد حبيب شاھہ سندس مريد هو. جتي لطيف جي ڄمڻ لاءِ دعائون ٻين عالمن ۽ درويشن گهريون، اتي سيد هاشم شاھہ جي دعا بہ اگهامي ۽ لطيف ڄائو. جنهن جي تربيت ۾ سندس هٿ هو. سخي هاشم شاھہ 12 ربيع الاول 1120 ھہ تي وفات ڪئي. هر سال سندس ميلو 12-13-14 ربيع الاول تي لڳندو آهي.