پيشگير: هڪ قسم جو زنانو لباس، جنهن کي ”پڙو“ به سڏبو آهي، جيڪو عورتون شلوار جي مٿان پائينديون آهن. پيشگير سان گڏ اکڙي ڪڍڻ ضروري هوندي آهي. پيشگير ۽ اکڙي ڪڍڻ سان سڄو جسم ڍڪجي ويندو آهي. فقط هڪڙي اک آزاد هوندي آهي، جنهن سان عورت ڏسي سگهندي آهي.
’پيشگير‘ هوٽل وغيره جي ’بيري‘ کي به چيو ويندو آهي.