پيش واٽ: سارونا ماٿري (بلوچستان) ۽ هاڻوڪي سنڌ جي ٽاڪرو علائقي وچ ۾ اڳي اچ وڃ گھڻي هوندي هئي، جو آمدورفت جا وسيلا اڄ جيترا ڪونه هئا. اڳي سنڌ ۽ بلوچستان هڪ هو. اڄ به تهذيبي طور ٻنهي علائقن ۾ ايترو فرق يا سنڌو ڪونه آهي. ماهرن جو خيال آهي ته سنڌو تهذيب اسري ئي بلوچستان جي سبيءَ لڳ مشهور ماڳ ”مهرڳڙهه“ مان آهي، جتان جي ماڻهن اڳتي هلي موهن جي دڙي جي تهذيب جو بنياد وڌو.
هيءَ واٽ سارونا جي پٽ کان نڪري ٿي، جيڪو سمنڊ جي مٿاڇري کان هڪ هزار فوٽ کن ٿي آهي. اتان ٻه واٽون سنڌ ڏانهن اچن ٿيون. هڪ واٽ اتر ۾ آهي، جيڪا تپوري لڪ کان ٿيندي، کود (Khude) جبل لتاڙي حب ماٿريءَ ۾ داخل ٿي، مسافر لڪ کان ورندي کيرٿر جو هڪڙو هيٺاهون جبل پار ڪري ٿي. اها واٽ پوءِ نئين لوڻيءَ کان ٿيندي، کيرٿر اُڪري، گهاڙ (Garr) لڪ کان ٿيندي انگائي نئن جو پاسو ڏئي منڇر ڏي لهي ويندي هئي. انگريزن جي دور تائين به اها واٽ پيش نيڻ لاءِ ۽ لاڏائو قبيلن جي اچ وڃ لاءِ ڪتب ايندي هئي.
ٻي واٽ ڪوهستان جي ڏاکڻي ڀاڱي سان اچي ملي ٿي. اُها ساروتا ماٿريءَ مان نڪري، سارونا نديءَ جي ڪناري هلندي اچي آري پير وٽان نڪري ٿي ۽ حب ندي اڪري، ان جي کاٻيءَ ڪنڌيءَ سان لهواري هلي، ديوانا (Divana) لتاڙي، دريجي وٽ پهچي ٿي. اتان اها واٽ حب جي هڪ ننڍڙي نئن لتاڙي، ٻيلي ٿپ (Beli Thap) اچي ٿي. گز (Gaz) نالي هڪ ماٿري پار ڪري تؤنگ وٽان نئن باراڻ جي مٿاهين ماٿريءَ ۾ گھڙي اتر واريءَ واٽ وانگر ان تي به جھالاوان کان سنڌ ڏي ”پيش“ کڻي ايندڙ بريگن جي گھڻي اچ-وڃ هئي. هي رستو اڪثر سڃو هوندو هو. ان ڪري لاڏائو قبيلا هتان گھٽ ايندا هئا. سنڌ ۾ هن واٽ کي سڏيندا ئي ”پيش واٽ“ هئا. جھانگارن ۽ باجارن جي وچ تي جبلن جي وچان هي رستو هاڻي به استعمال هيٺ آهي.