پيغامِ لطيف (ڪتاب): هي ڪتاب شاھہ لطيف جي چونڊ ڪلام جي اردو ترجمي تي مشتمل آهي. جنهن کي پروفيسر آفاق صديقيءَ ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ شاھہ لطيف جي شاعري تي علامہ آءِ. آءِ. قاضي، شيخ اياز، غـلام نـبـي آگـري ۽ ڊاڪـٽـر ايـاز قـادريءَ جـا رايا پڻ شامل آهن. فضل سنز ڪراچي پاران هي ڪتاب آگسٽ 1998ع ۾ شايع ٿيو. ڪچي جلد سان 192 صفحن تي مشتمل هن پاڪيٽ سائيز ڪتاب جي قيمت 40 روپيا آهي.