
پيغامِ لطيف 2
پيغامِ لطيف (ڪتاب): محب وطن سياستدان جي. ايم. سيد جو هيءُ ڪتاب، شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زندگيءَ ۽ ان وقت جي ماحول جي روشنيءَ ۾، نئين نقطہ نگاھہ کان هڪ يگاني تصنيف آهي، جنهن ۾ عام روايتي انداز ۽ ڏند ڪٿائن بدران حقيقت بيانيءَ کان ڪم ورتو ويو آهي. سيد صاحب هن ڪتاب ۾ شاھہ کي سنڌ جو ”قومي شاعر“ ثابت ڪيو آهي، ان ڏس ۾ هن، شاھہ جي تخيل واري سنڌ، شاھہ صاحب جي قوميت جي تخيلَ، شاھہ لطيف ۽ علامہ اقبال جي نظرين جي تقابلي مطالعي، مذهبي تصور، سندس ڪلام جي خصوصيتن، سنڌين لاءِ سنيهي ۽ سياسي نظرين جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. ان کان سواءِ سيد صاحب هن ڪتاب ۾ شاھہ لطيف ڏانهن اسان سنڌين جي جوابدارين سان گڏ مختلف مضمونن تي چونڊ بيت ڏئي قومي ۽ سياسي نقطہ نگاھہ کان ان جي تشريح بہ ڪئي آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڪرائون سائيز ڇاپو، محمد عثمان ڏيپلائيءَ، ’ادارہ انسانيت حيدرآباد‘ پاران 1950ع واري ڏهاڪي ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو، جنهن جي قيمت 5 رپيا هئي. هن ڪتاب جا ڇھن کان وڌيڪ ڇاپا شايع ٿي چڪا آهن. ايوبي دور ۾ هي ڪتاب پابنديءَ هيٺ رهيو. ڪتاب جو چوٿون ڇاپو، جي. ايم. سيد اڪيڊمي پاران 2005ع ۾ شايع ٿيو.