پيغمبر پاڪ جون نياڻيون (ڪتاب): هي ڪتاب عبدالرحمان جتوئي ۽ عبدالجبار عبد جو لکيل آهي، جنهن ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي ﷲ عليہ وسلم جي چئن نياڻين سڳورين جو احوال آهي، جنهن ۾ حضرت بي بي فاطمہ زهريٰ رضي ﷲ عنها، بي بي ﷲ عنها'>زينب رضي ﷲ عنها، بي بي رقيه رضي ﷲ عنها ۽ بي بي ام ڪلثوم رضي ﷲ عنها شامل آهن. فاضل ليکڪن تمام سٺن ۽ سولن لفظن ۾ قرآن پاڪ جي آيتن جي روشنيءَ ۾ هي احوال لکيو آهي، جنهن ۾ پاڻ سڳورن جن جي زندگيءَ جا ڪيترائي پهلو ملن ٿا. هي ڪتاب سنڌي ساهت سوسائٽي شڪارپور پاران 1997ع ۾ شايع ٿيو. ڊيمي سائيز، ڪچي جلد ۽ رنگين ٽائيٽل واري هن ڪتاب ۾ 120 صفحا آهن ۽ قيمت 35 روپيا آهي.