پينٽيئم

پينٽيئم: پينٽيئم ڪمپيوٽر مائيڪرو پروسيسر جو نالو آهي. لفظ پينٽيم يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن Pente ۽ ium مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي پنج انگ. اڄڪلھہ هن قسم واري مائڪرو پروسيسر واري ڪمپيوٽر کي عام جام استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن کي ’پينٽيئم ڪمپيوٽر‘ چئجي ٿو. سڀ کان پهرين ڪمپيوٽر ٺاهيندڙ انٽيل (Intell) ڪمپنيءَ پينٽيئم 1993ع ۾ ٺاهيو. اهي ڪمپيوٽر پينٽيئم I، II، III ۽ IV ۾ ٿين ٿا. شروعات ۾ پينٽيمI نالي ڪمپيوٽر ٺاهيو ويو، ۽ هن وقت تائين پنجن قسمن جا پينٽيئم ڪمپيوٽر ٺھي چڪا آهن. انٽيل ڪمپنيءَ پاران ٺاهيل پينٽيئم ڪمپيوٽرن تي ان وقت آمريڪي عدالت پاران ڪو بہ پنهنجو من پسند نالو ڏيڻ تي پابندي مڙهي، نمبرن ۾ نالو رکڻ جي اجازت ڏني وئي، ان تي پهرين پينٽيئم جو نالو پينٽيئمI رکيو ويو.هنن جي رفتار گهڻو ڪري 200 کان 1000 تائين يا مٿي ميگاهرٽز ۾ ٿئي ٿي.
پينٽيم ڪمپيوٽر I (60-200 MHz) 1993ع ۾، پينٽيئم Pro (150-200 MHz) 1995ع ۾، پينٽيئم II (233-450 MHz) 1997ع ۾، پينٽيئم III (500 MHz- 1.13 GHz) 1999ع ۾، پينٽيئم IV (1.4-3.4 GHz) 2000ع ۾ جوڙيا ويا. جڏهن تہ هن وقت پينٽيم ۾ Core 2 Due ۽ ٻيا جديد قسم جا ڪمپيوٽر ٺھي چڪا آهن، جن جي ڪم ڪرڻ جي رفتار مٿي ڄاڻايل سڀني ڪميپوٽرن کان وڌيڪ آهي.


لفظ پينٽيئمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو