
عزاداريءَ وارو پينگهو
پينگهو2: محرم الحرام ۾ عزاداريءَ جي ڏهاڙن ۾ مسلمان حضرت امام حسين عليہ السّلام ۽ سندن انصارن، مٽن، مائٽن جي شهادت تي وڏي پيماني تي ماتمداري ڪندا آهن. 10 محرم الحرام 60 ھہ/10 آڪٽوبر 680ع ۾ يزيد، حضرت امام حسين عه ۽ سندس لشڪر سان گڏ حضرت امام حسين عليہ جي ڇھن مهينن جي معصوم ٻار حضرت علي اصغر عليہ کي بيدرديءَ سان گلي ۾ حرمل جي هٿان تير هڻائي شھيد ڪرايو هو، انهيءَ معصوم ٻار شھيد حضرت علي اصغر عليہ جي ياد ۾ محرم الحرام جي مهيني ۾ پينگها ڪڍيا ويندا آهن. عزاداريءَ ۾ پينگهي جو رواج ايران کان پيو، ان کان پوءِ پاڪ ۽ هند ۾ عام ٿيو، سنڌ ۾ پينگهي جو رواج ڪافي آڳاٽو آهي ۽ ان ۾ بہ خيرپورميرس ۾ پينگهي جي عزاداري تمام وڌيڪ قديم آهي، ٺٽي جي مغل گورنر نواب سيف ﷲ خان بہ عزاداريءَ لاءِ حضرت علي اصغر عله جو هڪ چانديءَ جو پينگهو ٺهرايو هو، جيڪو ڏيڍ مڻ (60 ڪلو) وزني هو، اهو پينگهو نواب سيف ﷲ خان محرم الحرام جي 9 تاريخ پنھنجي گهران ماتمي جلوس سان ڪڍندو هو ۽ جلوہ گاھہ امامين ۾ اچي رکائيندو هو، جنهن کان پوءِ مجلس ٿيندي هئي، مجلس ۾ مرثيہ خوان اڪثر حضرت علي اصغر عله جا مرثيہ ۽ مصائب پڙهندا آهن، سنڌ ۾حضرت علي اصغر عه جا پينگها ڪاٺ جا ٺهرائي مٿن جنڊيءَ جو ڪم ڪرائيندا آهن، پر ان کانسواءِ سون ۽ چانديءَ جا بہ پينگها ٺهرايا ويندا آهن، عزاداريءَ جي تاريخ ”صحيفة العزا“ ۾ مرزا قاسم علي بيگ لکي ٿو تہ: ”سنڌ ۾ عزاداريءَ لاءِ سون جو پينگهو ميان نور محمد خان ڪلهوڙي ٺهرايو هو، جنهن جو وزن اڌ مڻ کان گهٽ هو ۽ اهو پينگهو ميان نور محمد خان پنھنجي اولاد جي باس ۾ ٺهرايو هو، ان کان سواءِ سنڌ ۾ چانديءَ جو پينگهو ٺٽي جي گورنر نواب سيف ﷲ خان ٺهرايو هو، جنهن جو وزن ڏيڍ مڻ هو“. محرم الحرام جي مهيني ۾ جهولي جو ماتم وڏي پيماني تي ٿيندو آهي، هاڻي بہ سڄي سنڌ ۾ اهو ماتم وڏي پيماني تي ٿيندو آهي. محرم الحرام جي نائين ۽ ڏهين تاريخون حضرت علي اصغر جي ماتم لاءِ مخصوص آهن. سڄي سنڌ سان گڏ حيدرآباد ۾ پڻ پينگهي جو ماتم وڏي پيماني تي ٿئي ٿو، نائين محرم تي پينگهي جي ماتم سان زنجير زني بہ ڪئي ويندي آهي، حيدرآباد ۾ ڏهين محرم جي صبح يعني حشر يا عاشوري جي ڏينهن امام بارگاھہ ابو تراب ۾ بہ جهولي جو ماتم ٿيندو آهي ۽ شام غريبان مھل امام بارگاھہ علي آباد ۾ بہ جهولي جو ماتم ٿيندو آهي، ماتم کان پوءِ مجلس ٿيندي آهي، جنهن ۾ ٻہ قديم مرثيا 1880ع کان اڄ تائين پڙهيا ويندا آهن، انهيءَ مجلس جو بنياد ميرزا فتح علي بيگ وڌو هو، انهن ٻنهي مرثين مان هڪ مرثيو ميرزا فتح علي بيگ فتح جو آهي:
ياد ڪيو شاھہ کي بانو ٿي روئي زار و زار
ٻيو مرثيو آخوند محمد عالم پنهور خيرپوري جو آهي، جيڪو حضرت علي اصغر جي ماتم ۾ آهي، انهيءَ مرثيي کي لوليءَ وارو مرثيو بہ چيو ويندو آهي، جنهن جو پهريون بند هي آهي:
بيبي بانوءَ چيو هيئن ٿي هر هر،
منجهہ هندوري ڏسي حال اصغر،
ننڊ نهوڙيئي منهنجا ناز پرور،
لوڏي پينگهو ڏيان ڪنهن کي لولي.
اهي ٻئي مرثيا موجودہ وقت ۾ حيدرآباد شھر ۾ پينگهي جي سامهون سڪندر علي ميرزا جرار پنهنجن ساٿين سان پڙهندو آهي، آخوند محمد عالم جي لوليءَ کانسواءِ سنڌ ۾ ميرزا فتح علي بيگ، مير حسن علي خان ٽالپر، ميرزا قاسم علي بيگ، غلام محمد ڪمانگر، مسڪين ماڇي، مير منور ۽ ٻين جون لوليون (مرثيہ) بہ تمام مشھور ۽ درد انگيز آهن. محرم جي ستين تاريخ حيدرآباد جي قديم امام بارگاھہ ’سفينه حسيني‘ مان پڻ جهولي جو ماتم (ماتمي پِڙ) نڪرندو آهي، جيڪو مقرر هندن تان ٿيندو، جڏهن حيدر چوڪ پهچندو آهي تہ اُتي امام قاسم عه جي مينديءَ جا مرثيا پڙهيا ويندا آهن.