پينگهه

پينگهه

پينگهہ

پينگهہ: پينگهہ کي ”لوڏ“ بہ چوندا آهن. پينگهہ ٺاهڻ جو طريقو هيءُ آهي تہ ڪنهن وڻ جي مٿانهين ڏار ۾ ڏيڍ ٻن فوٽن جي مفاصلي تي ٻہ رسا ٻڌي هيٺ لڙڪائبا آهن. پوءِ زمين کان ٻہ ٽي فوٽ مٿي ٻنهي رسن جي ڇيڙن ۾ ڪاٺي يا تختو مضبوطيءَ سان ٻڌي ڇڏبو آهي تہ لوڏ تيار ٿي ويندي آهي. جيڪڏهن لڏندڙ سيکڙاٽ هوندو آهي تہ ان کي ٻيو ماڻهو لوڏا ڏيندو آهي، پر جي پاڻ سکيل آهي تہ پاڻ ئي لوڏا کائي وٺندو آهي. پينگهہ تي لڏڻ جي مند بھار کان وٺي برساتن جي مند تائين ٿيندي آهي. اڄڪلھہ پلاسٽڪ جون پينگهون ٺاهيون وڃن ٿيون، جيڪي ٻار گهرن ۾ بہ ڪم آڻيندا آهن ۽ ڇت ۾ لوھہ جا ڪنڊا لڳارائي لوڏ لوڏندا آهن. پينگهه لڏڻ: ’پينگهہ لڏڻ‘ واري راند اڪثر ڪري ننڍا ٻار اونهاري ۾ منجهند جو ڪندا آهن. ٻار مضبوط رسو کڻي، جاءِ جي داسي يا ڀاوڻ ۾ ٻڌي، ان مان لوڏ ٺاهيندا آهن، جنهن کي پينگهہ چئبو آهي. ٻار پينگهہ ان ۾ واري تي لوڏا کائيندا آهن. ڪي ٻار گهر ۾ ڪو وڻ هوندو آهي تہ ان ۾ رسي ٻڌي پينگهہ ٺاهيندا آهن ۽ ڪي وري در جي سَر در ۾ رسو ٻڌي پينگهہ ٺاهيندا آهن. ٻارن کي هن راند مان ڏاڍو لطف ايندو آهي.


لفظ پينگهہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو