پيهو: سنڏ ۾ پوک جي وچ ۾ يا ڪنهن مناسب هنڌ تي پوک جي سار سنڀال ۽ خاص ڪري جهار جي بچاءُ لاءِ، چئن ٿوڻين يا هڪ ٻيلنگهہ تي ڏڪن ۽ ڪکن جي مدد سان هڪ ڇِت اَڏي ويندي آهي، جنهن کي پيهو سڏبو آهي. پيهي تي چڙهي هاري پوک جي سنگن تي آيل پکين جي جهار کانڀاڻيءَ ۾ ڳوڙها وِجهي، ٺَڪاءُ ڪري هڪليندو آهي. هاري کانڀاڻيون اَڪ جي تندن يعني آڪاري مان ٺاهيندو آهي، ۽ اُن جي پَٻ ۾ مٽيءَ جا گول ڳوڙها وِجهي، ڦيرائي ٺڪاءَ ڪڍندو آهي، تہ ان ٺڪاءُ تي جهار- جهرڪيون، ڪٻرون، هيڙها، ڳيرا ۽ ٻيا پکي اُڏامي ويندا آهن.
ڪن هنڌن تي ٻھراڙيءَ ۾ مڇرن ۽ ڪُتِ جي بچاءُ لاءِ بہ پيها يا پيهيون اڏيندا آهن، جن تي رات جو سمهبو آهي.
سنڌ ۾ بزرگن جي ميلن تي ٿيندڙ ملاکڙن جي موقعي تي، ملاکڙي جي ميدان ۾ چوڌاري ماڻهن جي ويهڻ لاءِ بہ پيها يا پيهيون اڏيون وينديون آهن.