پيهون

پيهون: پيهون يا پينهون، چانورن مان ٺهندا آهن ۽ سرزمين سنڌ جو خاص کاڌو آهن. جيڪو گهڻو ڪري ماڻهو خاص موقعن تي گهرن ۾ چاڙهيندا آهن. پيهون سارين کي اوٻاري ۽ ڀُڃي، ننگهه ۾ ڪُٽي ٺاهيندا آهن. پيهون چانورن وانگر ئي ٿيندا آهن، پر اُهي ڪُٽڻ سبب چِپٿرا ٿيندا آهن، جن کي رَڌي کائبو آهي. ڪڏهن پُسائي کِيـر سان بہ کاڌا ويندا آهن.
پيهن جي رڌڻ جو طريقو هي آهي تہ ديڳڙيءَ يا ديڳڙي ۾ گيھہ، ڦوٽا ۽ کنڊ ۽ ٿورو پاڻي وجهي، اُن کي دمي ڇڏبو آهي تہ ڪجهہ وقت کانپوءِ پيهون تيار ٿي ويندا آهن. پيهون عام طرح ڳرو کاڌو سڏيو ويندو آهي.


لفظ پيهونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو