پيهي جان پاڻ ۾

پيهي جان پاڻ ۾

پيهي جان پاڻ ۾

پيهي جان پاڻ ۾ (ڪتاب): مشھور ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار علي محمد پرويز جي هيءَ آتم ڪهاڻيپيهي جان پاڻ ۾‘، سچائي اشاعت گهر، دڙي (ضلعي ٺٽي) پاران يوسف سنڌيءَ ڇپائي پڌري ڪئي آهي.
هيءَ ڪهاڻي هڪ عوامي ڪارڪن، اديب ۽ جدوجھد ڪندڙ شخص جي آتم ڪٿا آهي، جنهن ۾ هن پنھنجي ذات، ادبي ۽ سياسي سفر کي نہ رڳو رقم ڪيو آهي، پر انهن گمنام ۽ عوامي ڪارڪنن کي بہ ياد ڪيو آهي، جن کي ڪو وڏو سياستدان يا وڏو ليکڪ شايد ئي بيان ڪري سگهي ها. پر جيئن تہ پرويز پاڻ غريب خاندان جو شخص آهي، ان ڪري هن پنھنجي سياسي سفر جي انهن سمورن ڪارڪنن کي نہ وساريو آهي، جيڪي ئي تنظيمن ۽ اڳواڻن جي ڪردار جي جوڙجڪ ڪندا آهن ۽ سندن ناماچاريءَ جو ڪارڻ بنجندا آهن. منزل تي پهچڻ يا منزل جي سفر دوران اهڙا سچا، محنتي ۽ جاکوڙي ڪارڪن اڪثر اڳواڻن کي وِسري ويندا آهن، پر پرويز پنھنجي ڪهاڻيءَ ۾، جيڪي رنگ ڀريا آهن، انهن ۾ انهن ڌرتيءَ جي سپوتن جا رنگ بہ شامل آهن، جيڪي سندس اُتساھہ ۽ ويساھہ جا ساٿي بڻيا هئا. هن پنھنجي پارٽي اڳواڻن ۽ سندن ڪردار تي بہ لکيو آهي.
هر آتم ڪٿا وانگر، هن آتم ڪٿا جو مطالعو بہ پڙهندڙن کي پورهيت ۽ مسڪين ماڻهن جي جدوجهد، ۽ ان جدوجھد مان اُڀري، سماج ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪندڙ اسان جي اديب ۽ سياسي ڪارڪن جي شخصيت کان اَوس متاثر ڪندو.
هن ڊيمي سائيز جي 360 صفحن جي ڪتاب جي قيمت 350 روپيا رکي وئي آهي ۽ اُن جي اشاعت جو سال 2010 آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو