پيٽراعظم

پيٽراعظم

پيٽراعظم

پيٽراعظم: پيٽر اعظم دنيا جي مشھور شخصيتن ۾ شامل آهي. پيٽراعظم جو جنم 1672ع ڌاري ماسڪو ۾ ٿيو. پيٽراعظم کي روس جي سمورن زارن (روس جي بادشاھہ جو لقب) ۾ اهم ترين شخصيت طور مڃيو وڃي ٿو. روس کي دنيا جي وڏي طاقت بنائڻ ۾ هن اهم ڪردار ادا ڪيو هو. سندس پيءُ جو نالو زار اليڪسز ۽ ماءُ جو نالو نتاليه نرشڪينا هو. پيٽر اڃا چئن سالن جو هو تہ سندس پيءُ وفات ڪري ويو. اليڪسز کي ٻي گهر واريءَ مان تيرهن ٻار هئا. پيٽر جڏهن سياست ڪرڻ جهڙو ٿيو تہ تخت جي لالچ ۾ هن خاندان ۾ سرد جنگ ڇڙي وئي ۽ پيٽر کي جان بچائي ملڪ مان ڀڄڻو پيو. ڪيترن سالن تائين پيٽر جي ويڳي ڀيڻ صوفيه نائب بادشاھہ رهي. جنهن کي 1689ع ڌاري ان عهدي تان هٽايو ويو ، ان سان پيٽر جي تخت حاصل ڪرڻ جو رستو کلي پيو، تخت جو رستو آسان ٿي پيو. 1698ع ڌاري پيٽر روس موٽي آيو ۽ روسي رياست کي مغربي جديد تهذيب، تمدن ۽ ٽيڪنالاجيءَ سان روشناس ڪرايو. پيٽر جي دور ۾ روس جي نيوي فوج جو بنياد وڌو ويو، زميني فوج کي مغربي طرز سان تشڪيل ڏنو ويو ۽ انهن کي ورديون ۽ جديد هٿيار ڏنا ويا. سماجي معاملن ۾ پيٽر مغربي تھذيب کي متعارف ڪرايو، هن حڪم جاري ڪيو تہ هر ماڻهو ڏاڙهي ڪوڙائي ۽ ڪورٽ ۾ مغربي طرز جو لباس استعمال ڪيو وڃي ۽ اتي سگريٽ ڇڪڻ ۽ ڪافي پيئڻ جي اجازت ڏني وڃي. ملڪ جي اندروني معاملن سان گڏوگڏ هن روس جي ڏاکڻي حصي ۾ ترڪي ۽ اتر طرف ۾ سويڊن ملڪ جا ڪجهہ علائقا پنھنجي قبضي هيٺ آندا. 1696ع ڌاري روس ازوف نالي ترڪيءَ جو بندرگاھہ پنھنجي قبضي هيٺ آندو، جيڪو 1711ع ڌاري ترڪيءَ کي موٽائي ڏيڻ تي مجبور ٿيو. 1709ع ڌاري روس جي پولينڊ سان جنگ لڳي، جنهن ۾ روس سويڊن جا ڪجهہ علائقا اسٽونيا، لٽويا ۽ فن لئنڊ فتح ڪيا. هي علائقا بالٽڪه سمنڊ Baltic Sea (جنهن کي ’يورپ جي دري‘ چيو وڃي ٿو) جي ڪري مشھور هئا. پيٽر نيوا درياھہ جي ڪناري تي’پيٽرز برگ‘ نالي شھر تعمير ڪرايو. 1712ع ڌاري هن روس جي گاديءَ جو هنڌ ’ماسڪو‘ مان منتقل ڪري، ’پيٽرز برگ‘ ۾ مقرر ڪيو.
جيتوڻيڪ پيٽر جي دور ۾ ڪافي سرمائيدار ۽ سياسي طبقي جا ماڻهو سندس پاليسين جي خلاف هئا، پر ان جي باوجود هن کي روس جي ’زارن‘ ۾ عظيم تر سمجهيو وڃي ٿو. پيٽر اعظم جي وفات 1725 ڌاري ’پيٽرز برگ‘ ۾ ٿي.


لفظ پيٽراعظمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو