پيپائيرس

پيپائيرس (Papyrus): پيپائيرس هڪ ٻوٽي جو نالو آهي، جنهن جو جمع پيپائيري آهي. هيءَ يوناني ماخذ لاطيني ٻوليءَ جي لفظ جي انگريزي صورت آهي. يوناني هن کي Papuros ۽ Babylos بہ ڪوٺيندا آهن. ان مان ئي لفظ Paper (پنو/ ڪاغذ) ٺهيو آهي. هي ٻوٽو پاڻي ۽ پوسل تي پيدا ٿيندو آهي. ان جي ڏانڊي چئن پنجن فوٽن کان نون ڏهن فوٽن جيتري اوچي ٿيندي آهي ۽ ان جو رنگ ڳوڙهو سائو هوندو آهي، جنهن جي چوٽيءَ تي گل ڦوڙ يا سنگ ٿيندو آهي. قديم زماني ۾ هي ٻوٽو مصر جي نيل نديءَ سان جام ٿيندو هو ۽ پنھنجي افاديت ڪري ڀونوچ سمنڊ تائين واپار جي هڪ اسم طور مصر مان ويندو هو. هن جا هڪ کان وڌيڪ قسم هئا. مصر ۾ هن جي استعمال جو دؤر 4000 کان 3000 ق. م جو سمجهيو وڃي ٿو. مصري هن ٻوٽي کي ٻن اهم مقصدن لاءِ استعمال ڪندا هئا. (1) ڪاغذ طور ان مان لکڻ جو ڪم وٺندا هئا، (2) هن ٻوٽي مان ٻيڙيون بہ ٺاهيندا هئا. پهرئين مقصد لاءِ هي ٻوٽو مصر کان سواءِ يونان ۽ اٽليءَ ۾ بہ ڪم ايندو هو. ان جي اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو تہ لفظ Papyrus کي پيپر يا پني/ ڪاغذ جو همنام سمجهيو ۽ لکيو ويندو هو.
ڪاغذ جي تياري: هن ٻوٽي جو ڳر يا گودو ورقي يا تهدار ٿيندو هو. تھن جون ڦتيليون گڏ رکي، انهن کي پاڻيءَ ۾ پُسائي وڌيڪ نرم ڪبو هو، ان بعد داٻ ڏئي، انهن کي وڌيڪ سنهو ۽ هموار ڪري ملايو ويندو هو. آخر ۾ ان کي سڪائي، ان تي لکبو هو. هن جون ڪي خاصيتون هي هيون تہ هي سستو، ٺاهڻ ۾ سولو ۽ ڪچي مال طور ملي سگهيو ٿي. پر ان جو پنو ٽاڪئون، کهرو، وڌيڪ خشڪي ۽ گهم جي حالت ۾ حساس هو. ان کان سواءِ ان جون پٽيون وڌيڪ گنجائش واريون نہ هيون. پوءِ بہ هي پنو مصر ۽ ڀر وارن ملڪن ۾ 1000ع تائين استعمال ٿيندو رهيو. هن ٻوٽي جو ٻيو اهم استعمال ان مان ٻيڙيون ٺاهڻ هو. گاھہ جا گڏا مضبوط رسين سان ٻڌي، انهن کي هڪ ٻئي جي پاسن سان ٻڌبو هو، تان جو ٻيڙيءَ لاءِ گهربل تختو (hull) تيار ٿي وڃي، ان کان پوءِ ان ۾ ٻيا آلات لڳائبا هئا. ٻيڙيءَ جو گهاٽ ٿورو آڳل ۽ پاڇل وٽ مٿي مڙيل هوندو هو. ان لاءِ ان سان وڌيڪ گَڏا لڳايا ويندا هئا. سنڌو تھذيب جي کوٽاين مان جيڪي ٻيڙيءَ جا نمونا مليا آهن، سي بہ ڪنهن گاھہ جي گڏن کي ملائي ٺاهيل آهن. جيڪڏهن اهو گاھہ پيپائيرس نہ هو تہ پوءِ پڪ ’پنِ‘ هوندي، جيڪا سنڌ ۾ ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ عام ٿيندي آهي. شايد لفظ ’پنو‘ بہ ائين ٺهيو هجي. پن بہ گهڻن ڪمن لاءِ ڪم اچي ٿي. تڏا، تونريون، پکا وغيرہ ان مان ٺھن ٿا. پيپائيرس مان ٻيڙيون جوڙڻ ۽ انهن جو استعمال اڄ بہ ڪن هنڌن تي رائج آهي. جھڙوڪ: پيرو (Peru) وغيرہ ملڪ ۾.پيپائيرس مان ٺهيل ڪاغذ تي لکيل دستاويز، نسخا، ويٽا (Scroll) ڳجهيون لکتون (Cornices) ڪافي هنڌن تان مليون آهن. مصرين جو مشھور ڪتاب'Book of the Dead' بہ پيپائيرس جي پني تي لکيل آهي. ڪجهہ عرصو اڳ پاڪستان جي اتر وارن علائقن مان ڀوڄ وڻ (Birch Bark) جي ڇوڏن تي لکيل هڪ وڏو ويٽو (Scroll) مليو هو. پيپائيرس جي پني کان پوءِ مپشي يا ماريل نرم چمڙي تي لکيت جو دؤر شروع ٿيو هو.


لفظ پيپائيرسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو