پيٿاپر

پيٿاپُر: تعلقي ننگرپارڪر جي هڪ ديھہ، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن:
پيٿاپُر، گڍڙو چارڻ، ڊينگاسرو، سوراپادر، اوٺاڪاپڙيو. هن ديھہ ۾ واقع پِيٿاپُر ڳوٺ تاريخي ۽ قديم ليکيو وڃي ٿو. لفظ پيٿاپُر جي معنيٰ آهي ”پتا جو شھر“ ان مان سمجهجي ٿو تہ قديم زماني ۾ ڍٽ واريءَ جوءِ ۾ ’پتاسر‘ نالي بہ ڪو ماڳ هوندو هو. مارواڙ ۾ ’بيداسر‘ نالي هڪ ٿاڪ آهي، پر اهو ڪنهن پوئين دور سان واسطو رکي ٿو.پيـٿاپـُر جي ڀرسـان وارو رڻ تمـام مشـهور آهي. ڪارونجهر مان وهندڙ مشھور نديون ’ڀٽياڻي‘ ۽ ’گوڙدرو‘ بہ پيٿاپُر (پِڙڇاپُر) واري رڻ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو