پيڄاهو: ضلعي دادو، تعلقي خيرپور ناٿن شاھہ ۾ هڪ ديھہ ۽ ڳوٺ جو نالو. هن ديھہ ۾ پيڄاهو، دلمراد جا گهر ۽ شھداد کوسو ڳوٺ شامل آهن. پيڄاهو ڳوٺ جي هزار کن آبادي هوندي آهي.هن ڳوٺ بابت روايت آهي ته، هيءُ ڳوٺ وڪئي خان پيچوهي 630ھہ/1233ع ۾ ٻڌو، جيڪو سلطان التمش جي وزير نظام الملڪ جو ملازم هو. اهو لفظ پوءِ آهستي آهستي بدلجي پيچاهوءَ مان ’پيڄاهوءَ‘ جي صورت وٺي ويو. ان وقت هن ڳوٺ ۾ پيچوها، مهاڻا ۽ ڪولهي رهندا هئا، ان کان پوءِ دُنب قبيلي جا ماڻهو هتي رهائش پذير ٿيا.