پيڻ سولهه

پيڻ سولهه

پيڻ سولھہ

پيڻ سولھہ White or Rossy Pelican /Pelecanus Onocrotallus: 180 سينٽي ميٽر جسامت واري هن وڏي پکيءَ جا نر ماد هڪجهڙا هوندا آهن، جن جا پر چمڪدار گلابي ۽ اڇا ٿين ٿا، جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي ڪاريون ريکائون آهن. خاص ڪري پرن جي کنڀن جي ٻاهرئين ڪناري تي چهري تي چٽا، ٽنگون ۽ پير هيڊا گلابي ٿيندا آهن. سولھہ پيڻ جي چهنب ڊگهي ۽ وات سان هيڊي رنگ جي ٿيهلي هوندي آهي، جنهن ۾ شڪار يا غذا جمع ڪرڻ کانپوءِ پاڻي هاريغذا ڳھي ويندو آهي. ٻچن جو رنگ ناسي يا ميرانجهڙو اڇو هوندو آهي. اڏامڻ مھل تمام ڊگهي ٿيلهي دار چهنب اڳتي نڪتل هوندي اٿس ۽ وڏا پر ڦڙڪائيندو، سڌي اڏار اڏامندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو