
پيڻ/ پيئڻ
پيڻ/ پيئڻ: هي هڪ مشھور ڍانڍي مسافر پکي آهي، جيڪو قد ۽ شڪل ۾ گهڻو ڪري قاز جيڏو ٿيندو آهي. هن پکيءَ کي انگريزيءَ ۾ پيليڪان (Pelican)، لاطينيءَ ۾ Pelecanus Erythrorynochos، عربيءَ ۾ حواصل، فارسيءَ ۾ مرغابي دراز چيو ويندو آهي. هن پکيءَ جو وزن چئن کان پنجن ڪلو تائين ٿيندو آهي. پيئڻ پکيءَ جا ٻہ قسم ٿيندا آهن، هڪ ڪارو ۽ ٻيو اڇو. سنڌ ۾ موجود پيئڻ جو رنگ اڇو ٿيندو آهي ۽ ان جا پير بدڪ وانگر ٿيندا آهن. هن پکيءَ جي چهنب ڊگهي ۽ بدڪ جي چهنب وانگر ويڪري ٿيندي آهي. جنهن جي ڇيڙي ۾ ڪنڊو ٿيندو آهي. هن جي ڳچيءَ هيٺان چم لڙڪندڙ هوندو آهي. سنڌ ۾ ڍنڍن وارن هنڌن ۽ علائقن ۾ هي پکي ملندو آهي. هيءُ ٻين پکين وانگر پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي مڇي نہ جهليندو آهي، پر پاڻيءَ مٿان پيو اڏامندو آهي. مڇي نڪرندي ڏسي جهٽي وٺندو آهي. هن پکيءَ جو گهڻي ڀاڱي گذران مڇيءَ تي هوندو آهي ۽ ٻيا آبي جيت جڻيا بہ کائيندو آهي. حڪيمن وٽ هن پکيءَ جو ”تيل“ مشھور ۽ ڪارائتو آهي، جيڪو هن پکيءَ جي چرٻيءَ کي رجائي ڪڍيو ويندو آهي. حڪيم هي تيل سنڌن جي سور ۽ عرق النساءِ جي مرض ۾ مالش لاءِ استعمال ڪرائيندا آهن.