پَخالي

پَخالي: هڪ ذات جو نالو، پاڻي ڀريندڙ پورهيتن کي پخالي چوندا آهن. آڳاٽي زماني ۾ جڏهن نلڪا اڃا وجود ۾ نہ آيا هُئا ۽ وسندين جي ويجهڙائيءَ ۾ ڪو کوھہ، تلاءُ، ڍنڍ، ڍورو ۽ واھہ بہ نہ هوندو هو تہ اُن وقت ۾ ’پخالي‘ پاڻي ڀرڻ جو ڪم سرانجام ڏيندا هُئا. اُهي پخال ’مشڪ‘ ذريعي پاڻي ڀريندا هئا. مَشڪ چمڙي جي ٿئي ٿي، جيڪا چؤطرف بند ٿيندي آهي ۽ فقط هڪ هنڌان مُنهن ٿيندو اٿس، جنهن ۾ پاڻي وجهي سگهبو آهي. پخالي ’اَهت‘ تي بہ ڪم ڪندا آهن، يعني سال جي رکت ۽ فصل لھڻ کان پوءِ اَن يا ٻيءَ جنس جي صورت ۾ معاوضو وٺندا آهن. هن وقت هن قسم جا مزدور ٿر جي ڪن خاص هنڌن تي ملن ٿا. جڏهن تہ جڳهين جي تعمير وقت هن قسم جي مزدوري ڪيترين جاين تي ٿئي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو