پَٻا

پَٻا: هڪ ذات جو نالو، جيڪي لس ٻيلي ۾ رهندڙ آهن. ”رونجهن“ جو وڏو ۽ سردار ”پٻو“ هو، جنهن بابت روايت مشھور آهي تہ کيس غيبات کڻي وڃي ”پٻ جبل“ ۾ روجهن جو کير پياريو ۽ پوءِ اتان موٽائي آندائونس ۽ هو ”ڪانهيري ڪوٽ“ جو سردار ٿيو. روجهن جي کير پيارڻ سبب پاڻ رونجهو ۽ سندس اولاد ”رونجها“ سڏجڻ لڳو. پٻي جي اولاد مان اُنڙ ۽ چڪار مشھور ٿيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو