پَٽ جي تصوير
پَٽُ: ڏاڍي زمين، ميدان، پوٺو، ٿر ۾ ڀٽن جي وچ واري سخت سڌي سنوت واري زمين، خالي پيل زمين، جنهن تي وڻ ٽڻ ۽ آبادي نه هجي. پٽَ، اڪثر سڌا ميدان ٿيندا آهن. پاڪستان ۾ مٿانهان پٽ موجود آهن. سنڌ جي ڪوهستان جي واري ڀاڱي ۾ لوڻ، جهلم نديءَ جي الهندي ڪناري سان لڳو لڳ، ڏکڻ اولهه طرف سنڌو درياهه تائين ڪوهستان جو مٿانهون پٽ پکڙيل آهي، جنهن جي اوچائي اٽڪل ست سؤ ميٽر آهي. ڪوهستان لوڻ ۽ اتر اولهه وارن جبلن جي وچ ۾ پوٺوهار جو مٿانهون پٽ آهي. ان ۾ اٽڪ، راولپنڊي (خاص ڪري ڪوهه مري ۽ ڪوهٽا جا تعلقا) ۽ جهلم جو ضلعو شامل آهي. ان جي عام اوچائي ٽي سؤ کن ميٽر آهي. زمين تي برساتي نئن هر هنڌ گهريون کڏون ۽ کاهيون ٺاهي ڇڏيون آهن، جن جي ڪري پوک نٿي ٿي سگهي بلوچستان جو مٿانهون پٽ سليمان جبل ۽ کيرٿر جبل جي اولهه ۾ آهي، جنهن جي اوچائي 600 کان 900 ميٽرن تائين آهي. ان علائقي ۾ ڪو به سڄو سال وهڻ وارو درياهه وغيره نه آهي. برسات جي مند ۾ نئن ۾ پاڻي گڏ ٿيو وڃي ۽ ڪٿي ڪٿي ڍنڍون بڻجي وينديون آهن. چوماسي جي هوائن کان پري هئڻ ڪري اونهاري جي موسم خشڪ ٿئي ٿي ۽ سياري ۾ گهڻو سيءُ پوي ٿو. ڀونوچ سمنڊ ۽ ايراني نار کان لڳندڙ واچوڙن جي ڪري ڪجهه برسات ۽ برف به پوندي آهي. هتي گرمين ۾ برف جي ڳرڻ ڪري جيڪو پاڻي گڏ ٿي ويندو آهي، سو ڪاريزن وسيلي آبپاشيءَ جي ڪم ايندو آهي. هي علائقو گهڻو پٺتي پيل آهي. رڍون ۽ ٻڪريون پالڻ هتان جي ماڻهن جو اهم ڌنڌو آهي.