پَڙهو

پَڙهو: اهو اعلان، جيڪو دهل وڄائي ڪبو آهي، ان کي ’ڍنڍورو‘ بہ چوندا آهن. گذريل وقت ۾ بادشاهي فرمان يا حڪم کي عام ماڻهن تائين پهچائڻ يا واقف ڪرڻ لاءِ ’پڙهي ڏيڻ وارا‘ ماڻهو هر هڪ شھر ۽ ڳوٺ ۾ مقرر ٿيل هوندا هئا. پهرين دهل وڄائي ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪندا هئا، پوءِ اعلان يا حڪم زباني ٻڌائيندا هئا. گاديءَ واري مکيہ شھر ۾ جنسي حڪم يا اعلان پڙهي ٻڌايو ويندو هو. اهڙي طرح هر هڪ شھر جي انتظاميا بہ انهيءَ نموني احڪام پڌرا ڪندي هئي. لائوڊن جي استعمال کان اڳ ’پڙهن‘ جو رواج هو. ملاکڙي جو بہ ’پڙهو‘ ڏبو آهي. اڃا بہ ڪٿي ڪٿي اهو رواج آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو