پَڙو

پَڙو: ڪپڙي مان ٺهيل پوشاڪ جو نمونو. پڙو گهڻو ڪري ٿرپارڪر جون هندو توڙي مسلمان عورتون سٿڻ جي بدلي پائين ٿيون. ڪي ورهيہ اڳ پڙي جو لاڙ ۽ وچ سنڌ ۾ بہ گهڻو رواج هو. شاديءَ رات ڪنوار کي پڙو ۽ ڪنجري پارائي ويندي هئي، گهر کان ٻاهر نڪرڻ مھل پڙو پائي بوڇڻيءَ، اجرڪ يا وڏي گنديءَ جي اکڙي ڪڍي نڪربو هو، اهو شرفا جو رواج هو، جتي عورتون پنھنجي ويڙهي، پاڙي يا حويليءَ کان ٻاهر وڃڻ مھل اڳ ۾ پاتل ڪپڙن جي مٿان پڙو پائي مٿان گنديءَ سان اکڙي ڪڍي هلنديون هيون. ڀيل، باگڙي، اوڏ، ميگهواڙ ذاتين جون عورتون، عام طور پڙو پائين، راجسٿان ۽ ڪڇ ۾ ان کي ’گاگهرو‘ بہ چون. هي لباس عام طور لاڙ ۾ پائين، پڙو ستن کان ڏهن ميٽرن جي ڪپڙي مان ٺھي ٿو. ڪي سادا پڙا هوندا آهن، پر ڪن تي ڇُرِ جو ڪم بہ ٿيل هوندو آهي تہ ڪنوارن جي لاءِ ٺهيل پڙن تي ٽڪن ۽ زريءَ مڙهي ڀرت ڀريو ويندو آهي.


لفظ پَڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو