پِينگهي

پِينگهي: سانڍَ (ڏاچي) جڏهن ويامندي آهي، تڏهن ان جي ننڍڙي ڦر کي جهنگ اندر جهوڪ ۾ ٻڌي ڇڏبو آهي ۽ ڏاچي اُن جي آس پاس پيئي چرندي آهي. ڦر جيڪڏهن کليل هوندو تہ ماءُ سان گڏ جهنگ ۾ نڪري ويندو، ان ڪري ڦر جي پير ۾ رسيءَ جو هڪ ڇيڙو ٻڌي ٻئي ڇيڙي ۾ فوٽ سواءِ مضبوط ڪاٺيءَ جو ٽڪر وچ ۾ اٽڪائي، ڏيڍ فوٽ زمين ۾ سوڙهي اُن ۾ پوري ڇڏبو آهي تہ جيئن ڇڪڻ سان ٻاهر نڪري نہ سگهي. ان کي ”پينگهي“ چئبو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو