پِپِرُ/ پپل
پِپِرُ/ پپل (Peepal): پِپِرُ يا پِپِلُ جو وڻ نه رڳو سنڌ جو مشهور ۽ قديم وڻ آهي، پر هندو ميٿالاجيءَ ۾ هن وڻ جي وڏي اهميت آهي. هن وڻ کي انگريزيءَ ۾ Sacred Fig، لاطينيءَ ۾ Ficus Religiosa چئجي ٿو. چيو ويندو آهي ته مهاتما گوتم ٻڌ کي ”نرواڻ“ پپر جي وڻ هيٺان حاصل ٿيو هو. پپر جي وڻ جي ڇانوَ گهاٽي ۽ گهڻي پکڙيل ٿيندي آهي. پپر جي وڻ جا دنيا ۾ اٽڪل 115 قسم آهن. هن وڻ ۾ قدرت وڏي حڪمت رکي آهي. هن جي پنن، کير ۽ ميوي مان ڪيتريون دوائون تيار ڪيون وينديون آهن. هيءُ وڻ فولاد، پوٽاشيم ۽ وٽامن اي ۽ بي سان مالا مال آهي. هن وڻ جو ڏندڻ، ڏندن کي مضبوط بڻائيندو آهي. هندو هن وڻ جي پوترتا مڃيندي هر روز صبح جو غسل ڪرڻ کان پوءِ هن وڻ کي پاڻي ڏيڻ پنهنجو فرض سمجهندا آهن. سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ پراڻن شهرن ۾ اڄ به قدآور پپر جا وڻ نظر ايندا آهن، ٿر ۾ هيءُ وڻ خاص ڪري ڇاڇري، چيلهار ۽ اسلام ڪوٽ وارن علائقن ۾ نظر اچي ٿو. هن وڻ جي ڇانوَ گهاٽي ٿئي ٿي، انهن هيٺيان مال توڙي انسان ويهي آرام ڪندا آهن. هن وڻ کي سنڌ جي لوڪ گيتن ۾ به اهميت مليل آهي. ”لوٽو“ نالي لوڪ گيت ۾ هڪ مصرع آهي ته:
پپل تنهنجا پن ڙي،
سڀ مڙهايان سون سان ڙي،
لوٽو مان کي آڻي ڏي.