پِڃاراپور/ پڃراپور: حيدرآباد شھر جو هڪ علائقو، جيڪو تمام پراڻو آهي. هتي ڪپھہ پڃي ويندي هئي. هن جي آس پاس وڏيون وسنديون آهن، جن ۾ فقير جو پڙ، ڦليلي اچي وڃن ٿيون. هن جي ڀر ۾ ئي حسن علي آفنديءَ جو باغ هوندو هو، جيڪو هن وقت ”آفندي ٽائون“ جي نالي سان مشھور آهي. اهو علائقو ٺوڙهي چاڙهي کان لھي ڦليليءَ ڏانهن ويندڙ رستي تي واقع آهي، جيڪو اڄ بہ ”پڃراپور“ جي نالي سان مشھور آهي.