پِڙِي: اها مقرر جاءِ جتي ڪو گهورڙيو (بڪاري، وغيرہ) ويهي واپار ڪري. گاڏين بيهڻ جي مقرر جاءِ. چوپائي مال جي وڪري جي پڙي. سنڌ جي ڪيترن ئي شھر ۾ پڙيون لڳنديون آهن. جتي هر قسم جي چوپائي مال- ٻڪرين، رڍن، ڳئن، مينهن، اٺن، گهوڙن وغيرہ جو واپار ٿيندو آهي. پڙي هر ماھہ پهرين سومر يا خميس ڏينهن تي لڳندي هئي، پر هاڻي هفتيوار پڙيون مختلف ڏينهن تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ لڳن ٿيون. جن ۾ موري، سعيدآباد، جهڏي ۽ مِٺي ۽ ٻين شهرن جون پڙيون سڄي سنڌ ۾ مال جي واپار لاءِ گهڻو مشھور آهن.