پٺاڻي خان

پٺاڻي خان

پٺاڻي خان

پٺاڻي خان: سرائڪي خطي جو عالمي شھرت رکندڙ فنڪار پٺاڻي خان، 1926ع ۾ ڪوٽ اَدُو، ضلعي مظفرڳڙھہ ۾ ڄائو. پنھنجي سُريلي آواز سبب ملڪ جو نامور فنڪار شمار ڪيو ويو. هن وڏن ڪلاسيڪل استادن، خاص ڪري اُستاد علي محمد خان کان سکيا ورتي. پٺاڻي خان، خواجہ فريد الدين گنج شڪر، شاه حسين، بابا بلهي شاھہ، سلطان باهو، خواجہ غلام فريد ۽ ٻين صوفي شاعرن جا ڪلام ڳائي، پنهنجو هڪ منفرد مقام حاصل ڪيو. سرائڪي ڪافي ڳائڻ ۾ کيس ڪمال حاصل رهيو. خواجہ غلام فريد جون ڪافيون سندس خاص سڃاڻپ هيون، خاص ڪري سـنـدس ڳايل عارفـاڻو ڪـلام”ميڏا عشق وي تون، ميڏا يار وي تون“ ٻڌندڙن تي عجيب ڪيفيت ۽ سحر طاري ڪري ڇڏيندو آهي. پٺاڻو خان صوفياڻي ڪلام ڳائڻ سبب ”بادشاھہ ڳائڻو“ سڏيو ويو. هو نہ رڳو سرائيڪي زبان جو فنڪار هو، پر هر اهلِ دل جي روح جو آواز هو. سندس خواجہ غلام فريد جون ڳايل ڪافيون، هر ٻولي ڳالهائيندڙ جي دل ۾ پيهي وينديون هيون. هڪ وڏي عرصي (26 سالن) تائين ريڊيو ۽ پاڪستان ٽيليويزن سان لاڳاپيل رهيو. ريڊيو ملتان تي موسيقيءَ جا پروگرام پٺاڻي خان کان سواءِ اڻپورا ۽ ٻُسا محسوس ٿيندا هئا. سنڌ ۾ بہ سندس مقبوليت حد کان وڌيڪ هئي. سائين جي.ايم.سيد کان وٺي رسول بخش پليجي ۽ عبدالواحد آريسر تائين کيس دل سان ٻڌندا هئا. عوام ۾ بہ سندس ساڳي مقبوليت هئي. ڪيئي ڀيرا پرڏيھہ بہ ويو، خاص ڪري فرانس ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيائين. سندس ڳايل مشھور ڪافين ۾ ”ميڏا عشق وي تون“ کان سواءِ ”ميڏا رانجهڻ هڻ ڪوئي هور، سائين او!“؛ ”مين وي ڄاڻان جهوڪ رانجهڻ دي، نال ميري ڪوئي چلي“، ”مائي ني مين ڪينون آکان، درد وڇوڙي دا حال“، آ چڻون رل يار، پيلهون پڪيان ني وي!“، ”فريدا! تون نئين لٽيا، لُٽيا سارا جڳ“ وغيرہ مقبوليت ماڻي چڪيون آهن.
هن عظيم فنڪار کي ڪيترا اوارڊ مليا، جن ۾ صدارتي اوارڊ پرائيڊ آف پرفارمنس بہ شامل هو. هي هڪ سادو انسان هو، زندگي سادگيءَ ۽ غربت ۾ گذاريائين، پر کيس پنھنجي سادگي توڙي غربت تي فخر رهيو. هي موسيقيءَ جو ستارو فنڪار آخر تائين خوددار رهيو.
هن نامياري فنڪار 9 مارچ 2000ع ۾ وفات ڪئي. وفات کان صرف ٻہ ڏينهن اڳ لاهور ۾ ٿيل ”ورلڊ صوفي ميوزڪ فيسٽيول“ ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري داد حاصل ڪيائين. کيس پنھنجي اباڻي ڳوٺ ڪوٽ ادوءَ ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ پٺاڻي خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو