پٺاڻ جي ڪافي جي تصوير
پٺاڻ جي ڪافي: سيوهڻ شهر ۾ قلندري فقيرن جي رهائش لاءِ ڪيتريون ڪافيون ۽ آستانا موجود آهن، جن کي تاريخي حيثيت حاصل آهي. جتي شهبازي طريقت جو علم ڏنو ويندو هو. ”ڪافي“ عربي لفظ ”ڪهف“ مان ورتل چيو وڃي ٿو، جنهن جو مطلب ”چُر“ يا ”غار“ آهي، جيڪا قديم وقت توڙي موجوده دور ۾ گھر وغيره وانگر استعمال ٿئي ٿي. سڄي سيوهڻ شهر ۾ ڪيتريون ”ڪافيون“ موجود آهن، پر قلندري ۽ فقرائي طريقت جون پنج ڪافيون وڌيڪ اهم ۽ مشهور آهن، جن مان ڪافي سخي سرور المعروف ”پٺاڻ ڪافي“ به هڪ آهي. ڪلهوڙا دور ۾ سيد انور علي شاهه هڪ ڪامل فقير ٿي گذريو آهي، جيڪو بادل شير جي طالب ”گل شاهه“ جو طالب هو. هن جا ڪيترا پٺاڻ فقير، قلندر لعل شهباز جي درگاهه جي صفائي ٻهاري ڪندا هئا، انور شاهه جي وفات کان پوءِ سندس اولاد پٺاڻ فقير کي تڪيو ٺهرائي ڏنو، جيڪو ”سخي سرور جي ڪافي يا مڪان“ جي نالي سان سڏيو ويو، ۽ اڳتي ”پٺاڻ ڪافي“ مشهور ٿي. هن ڪافيءَ تي ٻهاري، صفائي ڪندڙن جا هيٺيان مهندار/ اڳواڻ مقرر ٿيندا رهيا: يقين شاهه روشن علي شاهه (1813ع کان 1826ع تائين)، دربار علي شاهه (1826ع کان 1841ع تائين)، امان علي شاهه (1841ع کان 1853ع تائين)، خاڪي شاهه ( 1853ع کان 1869ع تائين)، محبوب شاهه ( 1869ع کان 1900ع تائين)، قطب شاهه ( 1900ع کان 1914ع تائين)، شمشير علي شاهه ( 1914ع کان 1926ع تائين)، ديدار علي شاهه ( 1926ع کان 1931ع تائين) ۽ نادر شاهه (1931ع کان 1980ع تائين). سيد نادر شاهه نيڪ، عبادتگار ۽ مجرد شخص هو. هن وقت ڪافيءَ جو سرگروهه فقير ڊاڪٽر عارف علي شاهه، نادر علي شاهه جو ڀائيٽيو آهي. هن ڪافيءَ ۾ 250 کن عاليشان ڪمرا ٺهيل آهن، جيڪي زيارتين کي بنا معاوضي رهائش لاءِ ڏنا ويندا آهن. پٺاڻ جي ڪافيءَ تي ٽي ويلا ماني نذر نياز عام ورهائبو آهي. سال ۾ متبرڪ ڏينهن تي چاليهارو ڀيرا خيرات ۽ ننگر ورهايو ويندو آهي. هن جا سرگروهه پير پوٽا ۽ رمضان فقير متولي آهن. هيءَ ڪافي، ٻين ڪافين کان نرالي ۽ خرچ واري آهي. هن ڪافيءَ جا فقير ۽ سرگروهه هن وقت ڌمال ۾ ڪونه ٿا لهن.