پٺاڻ جي ڪافي جي تصوير

پٺاڻ جي ڪافي جي تصوير

پٺاڻ جي ڪافي

پٺاڻ جي ڪافي: سيوهڻ شھر ۾ قلندري فقيرن جي رهائش لاءِ ڪيتريون ڪافيون ۽ آستانا موجود آهن، جن کي تاريخي حيثيت حاصل آهي. جتي شهبازي طريقت جو علم ڏنو ويندو هو. ”ڪافي“ عربي لفظ ”ڪھف“ مان ورتل چيو وڃي ٿو، جنهن جو مطلب ”چُر“ يا ”غار“ آهي، جيڪا قديم وقت توڙي موجودہ دور ۾ گهر وغيرہ وانگر استعمال ٿئي ٿي. سڄي سيوهڻ شھر ۾ ڪيتريون ”ڪافيون“ موجود آهن، پر قلندري ۽ فقرائي طريقت جون پنج ڪافيون وڌيڪ اهم ۽ مشھور آهن، جن مان ڪافي سخي سرور المعروف ”پٺاڻ ڪافي“ بہ هڪ آهي. ڪلهوڙا دور ۾ سيد انور علي شاھہ هڪ ڪامل فقير ٿي گذريو آهي، جيڪو بادل شير جي طالب ”گل شاھہ“ جو طالب هو. هن جا ڪيترا پٺاڻ فقير، قلندر لعل شھباز جي درگاھہ جي صفائي ٻهاري ڪندا هئا، انور شاھہ جي وفات کان پوءِ سندس اولاد پٺاڻ فقير کي تڪيو ٺهرائي ڏنو، جيڪو ”سخي سرور جي ڪافي يا مڪان“ جي نالي سان سڏيو ويو، ۽ اڳتي ”پٺاڻ ڪافي“ مشھور ٿي. هن ڪافيءَ تي ٻهاري، صفائي ڪندڙن جا هيٺيان مهندار/ اڳواڻ مقرر ٿيندا رهيا: يقين شاھہ روشن علي شاھہ (1813ع کان 1826ع تائين)، دربار علي شاھہ (1826ع کان 1841ع تائين)، امان علي شاھہ (1841ع کان 1853ع تائين)، خاڪي شاھہ ( 1853ع کان 1869ع تائين)، محبوب شاھہ ( 1869ع کان 1900ع تائين)، قطب شاھہ ( 1900ع کان 1914ع تائين)، شمشير علي شاھہ ( 1914ع کان 1926ع تائين)، ديدار علي شاھہ ( 1926ع کان 1931ع تائين) ۽ نادر شاھہ (1931ع کان 1980ع تائين). سيد نادر شاھہ نيڪ، عبادتگار ۽ مجرد شخص هو. هن وقت ڪافيءَ جو سرگروھہ فقير ڊاڪٽر عارف علي شاھہ، نادر علي شاھہ جو ڀائيٽيو آهي. هن ڪافيءَ ۾ 250 کن عاليشان ڪمرا ٺهيل آهن، جيڪي زيارتين کي بنا معاوضي رهائش لاءِ ڏنا ويندا آهن. پٺاڻ جي ڪافيءَ تي ٽي ويلا ماني نذر نياز عام ورهائبو آهي. سال ۾ متبرڪ ڏينهن تي چاليهارو ڀيرا خيرات ۽ ننگر ورهايو ويندو آهي. هن جا سرگروھہ پير پوٽا ۽ رمضان فقير متولي آهن. هيءَ ڪافي، ٻين ڪافين کان نرالي ۽ خرچ واري آهي. هن ڪافيءَ جا فقير ۽ سرگروھہ هن وقت ڌمال ۾ ڪونه ٿا لھن.


لفظ پٺاڻ جي ڪافيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو