پَٻُ جَبل: هالار جبلن جي ڏاکڻي قطار کي ”پَٻُ جبل“ چئبو آهي. جاگرافيائي ورڇ مطابق، هاڪس بي کان يارهن ميلن جي مفاصلي تي ستن جبلن جي هڪ ڊگھي قطار شروع ٿئي ٿي. جبل جي بيهڪ ڪجهه اهڙي عجيب صورت جي آهي، جو اهو پير جي پَٻَ وانگر ڀاسي ٿو، شايد انڪري ئي هن تي اهو نالو رکيو ويو هجي. هي جبل حقيقت ۾ ڪو ايڏو وڏو يا اوچو جبل نه آهي، ان جون چوٽيون پنج يا ڇهه هزار فوٽ بلنديءَ واريون آهن. البت هن جبل جون تراڙيون، ڏنڊا ۽ گروڪ، ڇپون، شڪيون ۽ گريون، گھَٽَ ۽ گھيڙ، لَڪَ ۽ لَڪيون ڏسڻ وٽان آهن. وڏي ڳالهه جيڪا پَٻَ جبل سان لاڳاپيل رهي آهي، اها آهي ڀٽ ڌڻيءَ جو پنهنجي رسالي ۾ هن جو مختلف نمونن سان احوال، جنهن ڪري هن جبل جو نالو پري پري تائين پڌرو ٿيو ۽ ان جي غير معمولي اهميت ۾ اضافو آيو. پَٻَ جا ڪي حصا آباد ۽ شاداب آهن، جتي جهنگلي ڏُٿَ سان گڏ ميوات جهڙوڪ آمريون، انجير، ڏاڙهون، ڦارهان، ۽ گيدوڙيون وغيره به ٿين ٿيون. سموري جبل ۾ ننڍا وڏا سَتَ لَڪَ -آمري، پٻوني، راهيگ، شاهه بلاول، گندبو، لونڊڪي ۽ ويراحب- آهن، جن مان عام لنگھه فقط ٽي آهن، جن جو مختصر ذڪر هيٺ ڏجي ٿو: (الف) پٻوڻيءَ وارو لڪ: جيتوڻيڪ بلنديءَ ۾ هيءَ ٽڪري سڀني کان ننڍي آهي، پر تاريخي اعتبار کان وڏي اهميت رکي ٿي. ڇاڪاڻ ته ڪنهن زماني ۾ بلوچ ذاتيون، سنڌ جي هيٺين علائقن تي هن لڪ کان حملي آور ٿينديون هيون. ان کانسواءِ ديبل سان وڻج واپار به هن لَڪ وسيلي هلندو هو. عام طرح هن کي ”بلوچستان جو واپاري گس“ ڪري سڏيندا هئا. پشم، ڄانڀو، چانور، ڏاس، سرنهن، ڪاٺيون، ڪپڙو، ڪڻڪ، کجور، کلون، گاهه، گيهه، ماکي ۽ ٻيون عام استعمال جون شيون ڪراچيءَ جي مارڪيٽ تائين هتان پهچنديون هيون. پٻوڻيءَ کي مشهوري ان ڪري به حاصل آهي، جو پنهونءَ کي سندس ڀائرن سسئيءَ کان ڇني، جڏهن ڪيچ طرف نيو هو، ته اُهي هن لڪ کان لنگهيا هئا. سسئيءَ کي صبح جو جيئن ئي اهڙي ڪلور جي ڪل پئي ته پنهونءَ جي تلاش ۾ ڀنڀور کان نڪري ۽ اها ئي واٽ وٺي، اوڇنگارون ڏيندي ۽ رڙندي، آخر پٻوڻيءَ جي لڪ ۾، پنهونءَ سان ملي ۽ هيڪاندي ٿي. سڪندراعظم به هندستان جي ڪاهه (356 ق.م کان 323 ق. م) کان موٽڻ وقت پٻ لتاڙي ويو هو. رستي ويندي سندس جيڪي فوجي فوت ٿيا هئا، تن کي اتي دفنائي مٿانئن نشانيءَ طور گول پٿرن جا منارا ٺاهيا ويا. محمد بن قاسم جڏهن ديبل تي ڪاهه (695ع کان 717ع) ڪئي هئي ته سندس پيادل عرب فوج جو لنگهه پڻ پَٻَ کان ٿيو هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح (1689ع کان 1752ع) هنگلاج ويندي پَٻُ جبل لتاڙيو هو ۽ سندس پير پٿون ٿيا هئا؛ جنهن مان کيس سسئيءَ جي تڪليفن جي عملي آزمائش جو احساس ٿيو هو. سندس رسالي ۾ ’پٻ‘ جبل جو ڪيترا ڀيرا ذڪر آيو آهي: ”تون جي پهڻ پٻ جو، ته لِڱ منهنجا لوهه“ (ب) شاهه بلاول وارو لڪ: هي لڪ، نامياري بزرگ شاهه بلاول نورانيءَ (1495ع کان 1590ع) جي نالي پٺيان سڏجي ٿو. هتي، پَٻَ جبل جي ماٿريءَ جي پوري وچ تي هڪ ننڍڙو باغ آهي، باغ ۾ ڪجهه وڻ اهڙا به آهن، جيڪي سوين سال پراڻا آهن. هتي چوڌاري ٽڪريون نهايت فرحت بخش نظارو پيش ڪن ٿيون. ڏسڻ ۾ هيءُ لڪ گھڻو ڏکيو آهي، اُن هوندي به دادوءَ ۽ ڪوهستان کان اُٺن جا قافلا هتان ايندا ويندا آهن، رستي ۾ ”گوڪل جو ڍورو“ به آهي، جتي پاڻيءَ جا قدرتي چشما ڦٽي نڪرن ٿا ۽ باغ کي سيراب ڪن ٿا. انهيءَ سرسبزيءَ ۽ شادابيءَ جي ڪري هي لڪ وڌيڪ وڻندڙ آهي. هتي باز، مور ۽ هرڻ وغيره ڏسڻ وٽان آهن. ڀر ۾ وهندڙ واهيءَ مان مڇي جام ملي ٿي، جيڪي هتان جي ماڻهن جي گذران جو ذريعو آهن. ان کانسواءِ آبشار، فرحت بخش هوائون ۽ کجين جي وڻن جون قطارون، عجيب منظر پيش ڪن ٿيون. هتي ”لاهوت لا مڪان واري غار“ به حيرت ڏياريندڙ آهي. ايامن کان قائم هيءَ قدرتي غار، عجيب روايت درجو رکي ٿي، ۽ ڏسڻ واري لاءِ دلڪش نظارو پيش ڪري ٿي، جيڪا هنگول نئن جي ڀرسان آهي. لاکيڻو لطيف به هنگلاج کان موٽندي هتي پهتو هو ۽ هن غار کي ساراهيو اٿس. (ٻ) گندبو وارو لڪ: هن مان پڪي رستي سان موٽر تي چڙهي، ”ٻيلي شهر“ ۾ سولائيءَ سان پهچي سگھجي ٿو، ڪراچيءَ کان ماڙي پور ويندڙ هي لِنڪ روڊ، لسٻيلي ۾ اچي نڪري ٿو، جتان پوءِ ڪوئيٽا طرف وڃڻ جي بهتر سهولت آهي. هن لڪ کي سياحت جا شوقين ۽ شڪاري گھڻو پسند ڪن ٿا. واٽ ۾ موجود کڏون، مڇيءَ جو جھَجھو مقدار مهيا ڪن ٿيون، ماڻهن جي آبادي به هن لڪ ۾ ڪثرت سان موجود آهي. مطلب ته پَٻُ جبل پنهنجي مخصوص تمدني خواه ثقافتي اعتبار کان انفراديت جو حامل آهي ۽ پنهنجي تاريخي، تجارتي حيثيت قائم رکيو اچي. ڪنهن زماني ۾ هن جبل ۾ وڏو واپاري چلتو ۽ سهانگائي هئي، پر اڄ اُهو شان شوڪت برقرار نه آهي، سواءِ اُهڃاڻ ۽ ڪتابي ڳالهين جي، جيڪي ڪتابن ۾ درج آهن. ”پَٻُ جبل“، جهنگلي جانورن جو به وٿاڻ آهي. هتي چيتا ۽ ڪارا رڇ به رهن ٿا، هتي برساتون به بنسبتاً وڌيڪ پون ٿيون، جنهنڪري آباديءَ جا امڪان وڌيڪ آهن. سانوڻيءَ جي سنهي بوند تي پوکون تمام ڀليون پچن ٿيون. چوڌاري ساوڪ ۽ سبزي هوندي آهي. چوپائي مال ۽ خاص طور گوشت جي کوٽ جي پورائيءَ لاءِ پَٻُ، ڪراچيءَ لاءِ بهتر ۽ ڪارائتو علائقو آهي.