
پٽاٽو بيٽري جي تصوير
پٽاٽو بيٽري (Potato Battery ):پٽاٽو بيٽري هڪ نموني جو اليڪٽروڪيميڪل سيل (Electrochemical Cell) آهي. اليڪٽروڪيميڪل سيل ڪيميائي انرجيءَ کي بجليءَ جي انرجيِءَ ۾ تبديل ڪندو آهي. بيٽريون ٻن مختلف اليڪٽراڊز ۽ هڪڙي اليڪٽرولائيٽ جي وچ ۾ ڪيميائي عمل ذريعي بجلي پيدا ڪنديون آهن. عام بيٽري ٺاهڻ لاءِ ڪاپر اليڪٽراڊز، زنڪ اليڪٽراڊز ۽ سلفيورڪ ايسڊ جي اليڪٽرولائيٽ جي طور استعمال ڪيو ويندو آهي. پر پٽاٽو بيٽري ٺاهڻ لاءِ زنڪ اليڪٽراڊز ۽ ڪاپر اليڪٽراڊز سان گڏ پٽاٽن جي رس کي اليڪٽرولائيٽ طور استعمال ڪيو ويندو آهي. پٽاٽن جي رس ۾ ڪيترائي پاڻياٺ وارا ڪيميائي جزا موجود هوندا آهن، جيڪي زنڪ ۽ ڪاپر ٻنهي اليڪٽراڊز سان ڪيميائي عمل ڪري ڪجهہ بجلي پيدا ڪري سگهن ٿا. هن تجربي ۾ تازا پٽاٽا، ڪاپر اليڪٽراڊز، زنڪ اليڪٽراڊز، ڊجيٽل ۽ اينالاگ ملٽي ميٽر، جنهن کي پيدا ٿيندڙ بجلي جي ڪرنٽ ۽ والٽيج ماپڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ان کان سواءِ هن عمل ۾ ايليگيٽر ڪلپس ۽ ليڊن جو استعمال پڻ ڪيو ويندو آهي.ڪاپر ۽ زنڪ اليڪٽراڊز کي پٽاٽي ۾ ائين وڌو ويندو آهي تہ جيئن هڪٻئي جي ويجهو تہ رهن، پر هڪٻئي کي ڇُھي نہ سگهن. پوءِ ڪلپ ليڊن کي ملٽي ميٽر سان ڳنڍيو ويندو آهي تہ جيئن ٻنهي ڪاپر ۽ زنڪ اليڪٽراڊز يا ملٽي ميٽر مان گذرندڙ وولٽيج کي ماپيو وڃي. پوءِ جڏهن ڊجيٽل ملٽي ميٽر ۾ چڪاس ڪئي ويندي تہ اهو اليڪٽراڊز جي وچ۾ 1.2 وولٽ ڏيکاريندو. جڏهن تہ اينالاگ ملٽي ميٽر وري ان کان گهٽ وولٽ ڏيکاريندو. جيتوڻيڪ وولٽيج ٻنهي اليڪٽراڊز جي وچ ۾ 1.2 آهي، پر بجليءَ جي پيداوار جي رفتار اينالاگ ملٽي ميٽر ۾ صحيح وولٽيج ڏيکارڻ جيتري تيز ڪونه هوندي آهي. اينالاگ ملٽي ميٽر پٽاٽي مان سگهہ حاصل ڪندو آهي، جڏهن تہ ڊجيٽل ملٽي ميٽر اندروني بيٽريءَ مان سگهہ حاصل ڪندو آهي، جنهنڪري پٽاٽي مان پيدا ٿيندڙ بجليءَ جو اندازو نٿو لڳائي سگهي، اهو گهڻي قدر صحيح ۽ وڌيڪ پيدا ٿيندڙ بجلي جو مقدار ٻڌائي ٿو. پٽاٽو بيٽري وانگر ليمن، نارنگين ۽ ٻين اهڙن ميون مان، جن ۾ سٽرڪ ايسڊ موجود هوندو آهي، بيٽريون ٺھي سگهن ٿيون. انهن بيٽرين ذريعي ننڍڙا گهڙيال، بلب وغيرہ هلي سگهن ٿا. انهن بيٽرين کي گڏي فروٽ بيٽريز (Fruit Battereis) بہ ڪوٺيو ويندو آهي.