پٽراس

پٽراس: پٽراس مڇيءَ جو قسم آهي. پٽراس مڇي شڪل شباهت ۾ پلي جهڙي ٿيندي آهي. هن جي ڊيگهہ ٻن انچن کان ٽن انچن تائين ٿئي ٿي. پٽراس مڇي ڦوٽو ۽ ننڍي سنهي آني بہ ڪندي آهي. درياهي دڙن وارن دُٻن ۽ کينجهن ۾ لڪندي آهي. اڃا انچ جهڙي ٿئي تہ وڏي مڇي کايو ڇڏي، باقي ٻن کان چئن انچن واري کاڌي وڃي ٿي. پٽراس درياھہ جي ڇڏيل پراڻ ۽ درياھہ سان لاڳو ڍنڍن ۾ ملندي آهي. هيءَ مڇي خاص ڪري ملاح ماريندا نہ آهن، پر پهريءَ وقت ڪن ٻين مڇين سان هي مڇيون بہ رڇن ۾ ڦاسنديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن وڏي مڇيءَ جو رزق ملاحن کي جام ٿيندو آهي تہ ننڍي مڇي ڇڏي ڏيندا آهن، يعني پاڻيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيندا آهن.


لفظ پٽراسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو