
پٽنا جي گول گهر جي تصوير
پٽنا (Patna ):هندستان جي صوبي بھار جو شھر پٽنا، جيڪو اجاتا ساترو (Ajata Satru) نالي سان 459 کان 491 ق. م تائين موريا خاندان جي چندر گپتا ۽ اشوڪا جي گاديءَ جو هنڌ رهيو آهي ۽ هاڻي بہ رياست بھار جي گاديءَ جو هنڌ آهي. پٽنا کي ڪنهن وقت پتل پترا جي نالي سان بہ سڃاتو ويندو هو، جيڪو هن نالي سان هزار سال اڳ پتل پترا برصغير جو هڪ اهم شھر سمجهيو ويندو هو. 1997ع جي آدم شماري رپورٽ موجب هن شھر جي آبادي 1285470 آهي. سورهين صديءَ ۾ جڏهن شير شاھہ همايون کي شڪست ڏني تہ پاڻ هن شھر کي گاديءَ جو هنڌ بڻايائين. 1764ع ۾ بڪسار جي جنگ کانپوءِ پنجين صديءَ ڌاري آباد ٿيو. ٽين صدي قبل مسيح ڌاري مهاراجا اشوڪا هن کي گاديءَ جو هنڌ بنايو هو. 400ع کان پوءِ هن شھر جو زوال شروع ٿيو. 1935ع ۾ هي شھر بھار رياست جي گاديءَ جو هنڌ بنيو. هي شھر انگريزن جي قبضي ۾ اچي ويو. هي شھر گنگا نديءَ جي ڏکڻ ۾ 15 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن شھر ۾ گانڌي ميدان هڪ اهم بندرگاھہ آهي. هن شھر جي اهم مارڪيٽ اشوڪ راج پاٿ جي نالي سان مشھور آهي. هن شھر ۾ هڪ بھترين عجائب گهر ’پٽنا ميوزيم‘ آهي، جنهن ۾ ڌاتو ۽ پٿرن جا ٺهيل مجسما رکيل آهن، جيڪي ٽي يا چار سؤ سال پراڻا آهن. پٽنا جي ڏکڻ طرف ’ڪمهار‘ نالي ماڳ موجود آهي. جنهن جي کوٽائي ڪئي وئي آهي، هن شھر جي اوڀر ۾ سکن جو ’هُر مندر’ آهي، جيڪو اڇي ماربل سان جڙيل آهي. سکن جو ڏهون ۽ آخري گرو 1660ع تي هن جاءِ تي پيدا ٿيو هو. هن شھر ۾ قلعا هائوس (جلان ميوزيم) بہ مشھور ماڳ آهي، جنهن کي ’شير شاھہ جو قلعو‘ سڏيو ويندو هو. هن قلعي کي شير شاھہ تعمير ڪرايو. هن قلعي جا آثار اڄ بہ هن شھر ۾ موجود آهن. ان کانسواءِ ’اورينٽل لائبرري‘ بہ هن شھر جي مکيہ ماڳن ۾ شمار ٿئي ٿي، جنهن جو بنياد 1900ع ڌاري رکيو ويو هو. هن لائبرريءَ ۾ عربي، فارسي ٻولين ۾ مغلن ۽ راجپوتن جا شهپارا بہ موجود آهن.