پٽو: چمڙي يا ڪپڙي جي ٿلهي پٽي. چيلھہ ۾ ٻڌڻ لاءِ ڪپڙي، ريگزن يا چمڙي جي پٽي، جيڪا چوڪيدار، سپاهي يا گارڊ ٻڌندا آهن. ڪمربند يا اڳٺ طور ڪم اچڻ جو پٽو، بيل گاڏيءَ جي ڦيٿي تي چڙهيل لوهي پَٽُ، هڪ قسم جو ٻانهن ۾ پائڻ لاءِ ڳھہ بہ پٽو سڏبو آهي، زمين جو ٽڪر جيڪو لاپي تي ڏنو وڃي، ان کي بہ پٽو چئبو آهي. ڀڳل هڏ تي چاڙهڻ لاءِ بہ ڪپڙي يا پلستر واري مادي جو پٽو ٿيندو آهي. ريل جي لوهي رستي کي بہ ”ريل جو پٽو“ چئبو آهي.