ولڀ ڀائي پٽيل جي تصوير

ولڀ ڀائي پٽيل جي تصوير

پٽيل ولڀ ڀائي

پٽيل، ولڀ ڀائي: ڀارت جو ناميارو سياستدان ولڀ ڀائي پٽيل جهاوير پٽيل جو فرزند، 31 آڪٽوبر 1875ع تي هندستان جي شھر احمد آباد ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. هي انڊين نيشنل ڪانگريس جو سرگرم ڪارڪن ۽ مرڪزي اڳواڻ هو، ابتدائي تعليم اباڻي شھر مان حاصل ڪرڻ بعد هن قانون جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ اعليٰ تعليم لاءِ 1908ع ۾ لنڊن ويو، جتان هن بئريسٽريءَ جي امتحان ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيو، بئريسٽر جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ هيءُ 1913ع ۾ واپس وطن آيو ۽ احمدآباد ۾ فوجداريءَ ڪيسن ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو. هندستان جي عظيم رهنما مهاتما گانڌيءَ ســان سـنـدس پهـريـن مـلاقـات 1915ع ۾ ٿــي. 1917ع ۾ احـمـدآباد ميونسپالٽيءَ جو ميمبر ٿيو، جنهن کان پوءِ مهاتما گانڌيءَ جو مٿس گهرو اثر ٿيو ۽ سندس خيالن قومپرستيءَ واري پاسي لاڙو ڪيو ۽ ٿوري ئي عـرصي ۾ قومپـرست سياست ۾ نالو ڪڍيائين، ستت ئي انڊين نيشنل ڪانگريس جو ميمبر ٿيو ۽ 16 فيبروري 1918ع ۾ ”ستيا گره“ واري تحريڪ شروع ڪئي. 1927ع ۾ ميونسپل ڪميٽي احمدآباد جو صدر متنخب ٿيو. هن 1918ع واري ’عدم تعاون واري تحريڪ‘ ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو. 1921ع ڌاري احمدآباد ۾ انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس جو اجلاس ٿيون، جنهن ۾ ستياگرھہ ڪرڻ جا مڪمل اختيار مهاتما گانڌيءَ کي مليا. هيءُ ان اجلاس جي استقباليه ڪميٽيءَ جو چيئرمئن هو ۽ ان ئي اجلاس ۾ بردوليءَ ۾ ڍلن نہ ڏيڻ جو فيصلو ٿيو. جنهن جي ذميواري پڻ مٿس وڌي وئي. 5 فيبروري 1922ع ۾ يو پي جي چوراچوري ڳوٺ ۾ پوليس سان ٽڪراءِ جي نتيجي ۾ ماڻهن پاران ٿاڻي کي باھہ ڏيئي ساڙي ڇڏڻ تان مهاتما گانڌيءَ پاران ’سول نافرماني واري تحريڪ‘ اوچتو بند ڪرڻ تي ڪارڪنن ۾ مايوسيءَ جي لھر پکڙي ۽ ان زماني ۾ گانڌي کي گرفتار ڪيو ويو. انهن ئي ڏينهن ۾ سردار پٽيل ولايتي ڪپڙي جو بائيڪاٽ ڪرايو ۽ 1928ع ۾ وري هڪ ڀيرو ٻيهر بردوليءَ ۾ ڍل نہ ڏيڻ واري تحريڪ کي زور وٺرايائين. 1929ع ۾ بردوليءَ ۾ ستياگرھہ شروع ڪيو. جنهنڪري ميونسپالٽيءَ تان استعفا ڏئي ڇڏيائين. 1931ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس جو اجلاس سندس صدارت هيٺ ٿيو ۽ گانڌي کيس صلاحڪار طور لنڊن ۾ رٿيل گول ميز ڪانفرنس ۾ وٺي ويو. 1935ع کان 1942ع تائين ڪانگريس جي پارلياماني بورڊ جو صدر رهيو، پنھنجي سياسي عمل دوران ڪيترا ڀيرا جيل ۾ ويو، ٻي مهاڀاري جنگ دوران عدم تعاون ڪرڻ تي انگريز سرڪار کيس نظر بند ڪيو. 1942ع ۾ ڪانگريس پاران ”انگريز! هندستان خالي ڪريو“ تحريڪ جو باضابطه اعلان ٿيو. ان دوران ٻين محب وطن سياسي اڳواڻن جيان هن کي بہ نظربند ڪيو ويو. جتان 2 سيپٽمبر 1945ع ۾ آزاد ٿيو. 1945ع ۾ نظر بنديءَ مان آزاد ٿيو تہ برصغير هند جي مستقبل لاءِ ٿيندڙ هر مذاڪري ۾ اڳواڻ جي حيثيت سان شامل رهيو. 1946ع ۾ عبوري حڪومت ۾ گهرو وزير ۽ رياستن جو وزير مقرر ٿيو ۽ هندستان جي آزاديءَ بعد ملڪ جو نائب وزيراعظم ۽ گهرو وزير ٿيو. سياست دوران هن ڏيهي رياستن کي انڊين يونين ۾ شامل ڪرڻ ۽ آزاد هندستان ۾ ڪميونسٽن کي ڪچلڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن کي اڪثر سياسي تجزيه نگار ورهاڱي جو ذميوار قرار ڏين ٿا، ڇاڪاڻ تہ هيءُ ان وقت وزير داخله هو ۽ ٻيو تہ ڪانگريس جي ساڄي ڌُر (جنهن کي فرقي پرست ليکيو پئي ويو) انهن جو مدارالمهام هو، پر تڏهن بہ هن ڏيهي رياستن کي دانشمندي سان ڀارت ۾ ملايو. اهو سندس اهم ڪارنامو آهي. هندستان جي هن سياسي رهنما 10 نومبر 1950ع تي بمبئي ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو