پَٽيهل: سنڌو درياهه جو آڳاٽو وهڪرو، جنهن جا آثار سنڌ جي لاڙ واري حصي ۾ گولاڙچيءَ ۾، کورواهه طرف ميرپور بٺوري ۽ بدين تعلقن (ترائي شهر) ۾ موجود آهن. شاهه جي رسالي ۾ توڙي جاگرافيءَ جي ڪتابن ۾ هن وهڪري کي ”پٽيهل ڍوري“ جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. اهو ڍورو ڪڙئي گهنور جي اُتر- اولهه ڪنڊ تي ستن ميلن جي مفاصلي تي آڳڙيءَ وٽان وهندو هو. آڳڙيءَ جو شهر پٽيهل جي کاٻي ڪناري تي جسوڌڻ نالي سردار جو ٻڌايل هو. شاهه لطيف پٽيهل ڍورو سُڪل ڏٺو هو، جو ان کان اڳ درياهه اوچتو رخ بدلايو هو ۽ پٽيهل ڍوري ۾ پاڻي گهٽجڻ لڳو هو. ملاح پنهنجا ٻيڙا ڍوري مان ڪڍي ويا هئا، واهڙي ۽ سانگن جا گاهه ۽ فصل سڪي ويا هئا، تڏهن شاهه صاحب اُن جو اڳيون اوج نه ڏسي هيٺيان بيت چيا هئا: پٽيهل تو ۾ پُور، اڳيون ناهي آب جو، سُڪين ڪهڙي سور، پيئه واري وچ. سُڪي ڍورُ ڍيون ٿيو، ڪنڌيءَ ڏنو ڪائو، سو پـاڻـي پٽيـــهــل ۾، اڳيـون نه آيــو، ماڙهن ميڙائو، ڪنهين ڪنهين ڀيڻين. (سر ڏهر 1- 9، شاهه جو رسالو (الف – ب وار:محمد عالم سومرو)، صفحو 409) اندازاً 8 صدي هجري (15 صدي عيسويءَ) درياهه جو وهڪرو پٽيهل واري ڍوري مان هوندو هو. پر 1758ع ۾ درياهه (مهراڻ) نصرپور وٽان پنهنجو وهڪرو بدلايو ته ان جو اثر پٽيهل سان گڏ ٻين ڇاڙن، جهول ۽ گُنگڙي تي به پيو. پٽيهل ڍوري سان ٻيو ڍاڳي ڍورو هو ۽ ٻنهي جو پاڻي ”ٻليار“ يا ”ٻلياري“ ۾ پوندو هو. ان دور ۾ درياهه رخ بدلايو ۽ ان جو پٽيهل وارو پيٽ سڪي ويو. اهو تاريخي ڍورو ڳوٺ احمد راڄي کان ڪجهه پنڌ اڀرندي تان وهي وڃي ڪوري نار ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هن ڍوري جي ڪناري تي ’آڳـــڙي‘، ’جـکرا‘، ’اوڏ‘، ’راهوڪـي‘، ’ڪاڪيجـائي‘، ’مــرزانپور‘، ’آسيـلي‘،’محبوب شاهه‘ ۽ ’بخاري شريف‘ نالي ڳوٺ ۽ شهر آباد هئا. ’ڍاڳي‘ ۽ ’ٻليار‘ کي به ڀٽ ڌڻيءَ ڳايو آهي: ’ڍاڳـي‘ ۽ ’ڍور‘، ٻـئـي وهــن ’ٻـليــار‘ ۾