پٽيهل

پَٽيهل: سنڌو درياھہ جو آڳاٽو وهڪرو، جنهن جا آثار سنڌ جي لاڙ واري حصي ۾ گولاڙچيءَ ۾، کورواھہ طرف ميرپور بٺوري ۽ بدين تعلقن (ترائي شھر) ۾ موجود آهن. شاھہ جي رسالي ۾ توڙي جاگرافيءَ جي ڪتابن ۾ هن وهڪري کي ”پٽيهل ڍوري“ جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. اهو ڍورو ڪڙئي گهنور جي اُتر- اولھہ ڪنڊ تي ستن ميلن جي مفاصلي تي آڳڙيءَ وٽان وهندو هو. آڳڙيءَ جو شھر پٽيهل جي کاٻي ڪناري تي جسوڌڻ نالي سردار جو ٻڌايل هو. شاھہ لطيف پٽيهل ڍورو سُڪل ڏٺو هو، جو ان کان اڳ درياھہ اوچتو رخ بدلايو هو ۽ پٽيهل ڍوري ۾ پاڻي گهٽجڻ لڳو هو. ملاح پنهنجا ٻيڙا ڍوري مان ڪڍي ويا هئا، واهڙي ۽ سانگن جا گاھہ ۽ فصل سڪي ويا هئا، تڏهن شاھہ صاحب اُن جو اڳيون اوج نہ ڏسي هيٺيان بيت چيا هئا: پٽيهل تو ۾ پُور، اڳيون ناهي آب جو، سُڪين ڪهڙي سور، پيئه واري وچ. سُڪي ڍورُ ڍيون ٿيو، ڪنڌيءَ ڏنو ڪائو، سو پـاڻـي پٽيـــهــل ۾، اڳيـون نہ آيــو، ماڙهن ميڙائو، ڪنهين ڪنهين ڀيڻين. (سر ڏهر 1- 9، شاھہ جو رسالو (الف – ب وار:محمد عالم سومرو)، صفحو 409) اندازاً 8 صدي هجري (15 صدي عيسويءَ) درياھہ جو وهڪرو پٽيهل واري ڍوري مان هوندو هو. پر 1758ع ۾ درياھہ (مهراڻ) نصرپور وٽان پنهنجو وهڪرو بدلايو تہ ان جو اثر پٽيهل سان گڏ ٻين ڇاڙن، جهول ۽ گُنگڙي تي بہ پيو. پٽيهل ڍوري سان ٻيو ڍاڳي ڍورو هو ۽ ٻنهي جو پاڻيٻليار“ يا ”ٻلياري“ ۾ پوندو هو. ان دور ۾ درياھہ رخ بدلايو ۽ ان جو پٽيهل وارو پيٽ سڪي ويو. اهو تاريخي ڍورو ڳوٺ احمد راڄي کان ڪجهہ پنڌ اڀرندي تان وهي وڃي ڪوري نار ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هن ڍوري جي ڪناري تي ’آڳـــڙي‘، ’جـکرا‘، ’اوڏ‘، ’راهوڪـي‘، ’ڪاڪيجـائي‘، ’مــرزانپور‘، ’آسيـلي‘،’محبوب شاھہ‘ ۽ ’بخاري شريف‘ نالي ڳوٺ ۽ شھر آباد هئا. ’ڍاڳي‘ ۽ ’ٻليار‘ کي بہ ڀٽ ڌڻيءَ ڳايو آهي: ’ڍاڳـي‘ ۽ ’ڍور‘، ٻـئـي وهــن ’ٻـليــار‘ ۾


لفظ پٽيهلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو