
پٽڻ مڇي جي تصوير
پِٽَڻَ (Skates ):هيءُ سامونڊي مڇي جو هڪ قسم آهي، جيڪا سامونڊي علائقن ۾ ٿيندي آهي. پِٽَڻَ شڪل ۾ ٽڪنڊائي گولائيءَ تي، ڊگهي چُهنبياري پڇ سان ٿيندي آهي ۽ سڃاڻپ ۾ سولي آهي ۽ منگر مڇيءَ جي قسم ۾ شمار ٿيندي آهي. هيءَ مڇي سائنسي سڃاڻپ موجب ري فش (Ray Fish) جو هڪ ڪٽنب آهي، جنهن جي ڊيگهہ ٽن کان چئن فوٽن تائين ٿيندي آهي. ٻين سمنڊن ۾ وڏي ٿيندي آهي. هيءَ مڇي وزن يا تور ۾ اڍائي مڻن تائين بہ ٿيندي آهي. نر ماديءَ جي خبر بت جي ڊول ۽ رنگ مان پوندي آهي. اها ڄرون، کيکڙا وغيرہ کائيندي آهي. ڪناري جي ويجهو بہ اچي، پر وڏي پاڻيءَ هيٺ تري ۾، جتي واري هوندي آهي، اتي رهي ٿي. سنڌ ۾ سمنڊ اندر پِٽَڻَ جا 12 کان وڌيڪ قسم ٿين ٿا. مثال طور: (1) کارج پٽڻ، جنهن جي مٿي تي سڱ ٿين، سا وڏي سمنڊ ۾ ٿئي (2) چِٽرو، جنهن کي مٿان گول گول چٽن وارا نشان ٿين. (3) مورگو پٽڻ (4) گيم (5) گاد (6) ڪڏاڪُٽ يا ڪڏاڪُٽي (7) ڪُتي (8) ٽِٽر پٽڻ (9) موٽڻ يا ڳِڌ و جهڻو، (10) پخو، جنهن ۾ ڪنڊو ڪونهي (11) وچيٽو پڇر پٽڻ. (12) ڪارنج يا ڪارِنھہُ، (13) گهيم.