پٽ باران

پٽ باران: پٽ باران جو علائقو سنڌ جو قديم ۽ مشھور علائقو آهي. سنڌ جي نامور فاضل ۽ ولي علامہ مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جوڏاڏو علامہ مخدوم طالب پٽ باران جو رهاڪو هو. پٽ باران علم ۽ ادب جو مرڪز هو. اتي جا رهاڪو وڏا عالم ۽ فاضل هئا. ”تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دؤر“ ۾ غلام رسول مھر لکي ٿو تہ: ”سنڌ جي شهرن ۾ تہ ڇا، بلڪ ڳوٺن ۾ بہ علم ۽ فضل عام هو. انهن مان پٽ باران سر فهرست آهي. ڪلهوڙن جي دؤر ۾ شاھہ محمد دودائيءَ هنگامو برپا ڪيو، جنهن کي ميان يار محمد ڪلهوڙي جي حڪم تي مير شھداد خان ٽالپر چڙهائي ڪري ختم ڪيو، جنهن کان پوءِ مير شھداد خان ٽالپر کي ميان يار محمد خان ڪلهوڙي سندس اعليٰ خدمتن کان خوش ٿي، پٽ باران جي جاگير عطا ڪئي هئي.


لفظ پٽ بارانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو