پٽ سليمان

پٽ سليمان: هن نالي سان ضلعي دادو، تعلقي جوهيءَ ۾ چار ديهون آهن، جن تي ترتيبوار چار نمبر رکيل آهن: ديھہ نمبر پهرينءَ ۾ ڳوٺ ’ڪنڊو ٻٻر‘، ۽ ’جنڊي رستماڻي‘ شامل آهن. ديھہ نمبر ٻيءَ ۾ ڳوٺ ’ڦوٽو برهماڻي‘، ’عثمان خان‘، ’ڇٽو سولنگي‘ ۽ ٻيا ڳوٺ شامل آهن. ديھہ نمبر ٽينءَ ۾ ’سليمان سائين‘ ۽ ’لُنڊن جا گهر‘ شامل آهن؛ ۽ ديھہ نمبر چوٿينءَ ۾ ’شاھہ بيگ رودناڻي‘، ’حمل رودناڻي‘ ۽ ٻيا ڳوٺ شامل آهن.


لفظ پٽ سليمانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو