پٽ فيڊر واهه جي تصوير

پٽ فيڊر واهه جي تصوير

پٽ فيڊر

پٽ فيڊر: پٽ فيڊر واھہ ڪشمور شھر جي ڀرسان ريگستاني پٽ فيڊر مان نڪري ٿو، هن واھہ جي ڊيگهہ 624 آرڊيون يا 125 ميل آهي. پٽ فيڊر پهريان 25 ميل سنڌ ۾ ۽ 100 ميل بلوچستان مان وهي ٿو، هيءُ پورو واھہ غير آباد پٽ واري علائقي مان نڪتل آهي، جتي پاڻيءَ جو ڪو بہ نانءُ نشان نہ هو، سواءِ ان جي تہ ڪا قدرتي طرح برسات پوي. هتان جا ماڻهو برسات تي آسرو رکندا ۽ آبادي ڪندا هئا. پيئڻ جو پاڻي هتي اڻلڀ هو، آبپاشي کاتي هيءُ وڏو ڪارنامو ۽ ڪاميابي آهي، جو اهڙي علائقي وڏو واھہ ڪڍي ماڻهن جي زندگيءَ کي بدلائي ڇڏيو آهي.پٽ فيڊر واھہ تي 6 ڪراس ريگيوليٽر ۽ ٻہ روڊ پليون آهن، ڪراس ريگيوليٽر هر هڪ آر.ڊي-109، آر.ڊي-238، آر.ڊي-342، آر.ڊي-418، آر.ڊي-505، آر.ڊي-558 ۽ پڇڙي آر.ڊي-624 تي روڊ پليون ٻہ آهن، هڪ آر. ڊي- 38 ۽ ٻي پل آر. ڊي- 490 جيڪب آباد کان ڪوئيٽا ويندڙ روڊ تي ديري مراد جمالي شھر جي ڀرسان آهي، جنهن کي اڳ ٽيمپل ديرو چوندا هئا. هتان جيڪب آباد ڪوئيٽا ويندڙ ريلوي لائين بہ گذري ٿي. پٽ فيڊر جي آر.ڊي-109 کان صرف هڪ فرنٽيئر شاخ کٻي پاسي نڪري ٿي، جيڪا 15 ميلن تائين ٻنهي پاسي آبادي ڪرائي ٿي، پٽ فيڊر صرف هڪ کٻي پاسي واري علائقي کي آباد ڪري ٿو. پٽ فيڊر جي ڀوري واھہ تي سڄي پاسي کان ڪا بہ شاخ نڪتل نہ آهي. صرف هڪ طرف کٻي پاسي کي پاڻي ڏيندو آهي، ان جو اهو سبب آهي جو سڄي پاسي وارو پٽ جو علائقو جيترو پري ويندو، اوترو مٿي ٿيندو ويندو، جنهنڪري پاڻيءَ جو اوڏانهن وهڪرو نہ ٿي سگهندو جو Gradient تمام وڏي آهي. کٻي پاسي کان پوءِ لاهي ٿيندي وڃي ٿي، جنهن ڪري پاڻي لاهيءَ جي ڪري تڪڙو وهندو آهي. پٽ فيڊر جو اتر طرف جيترو پري وڃبو مٿي ٿيندو ويندو، جيترو ڏکڻ طرف وڃبو لاهي ٿيندي ويندي. آر.ڊي-109 کان آر.ڊي-718 تائين تمام گهڻي واري ۽ ننڍيون ننڍيون ٽڪريون آهن. آر. ڊي- 238 جي ڪراس ريگيوليٽر تان بہ ڪا خاص شاخ نٿي نڪري، هنن زمينن کي شاهي واھہ مان پاڻي ملي ٿو، جيڪو پٽ فيڊر جي ويجهو وهي ٿو. آر.ڊي- 342 تان هڪ اُچ لنڪ ڪئنال نڪتل آهي، جيڪو ڊيگهہ ۾ صرف 3 ميل آهي ۽ شاهي واھہ مان وهندڙ اچ واھہ جي پڇڙيءَ کي هيءُ پاڻي ڏيندو آهي، هتي واريءَ جا وڏا ڍير آهن، جيڪي پوءِ جيڪب آباد شھر ڏانهن وڃن ٿا، اهي سنڌو درياھہ جي واريءَ جا نشان ٿي سگهن ٿا. آر.ڊي- 342 جو ڪراس ريگيوليٽر بلوچستان جي هيرين شھر وٽ آهي. آر.ڊي-109 کان وٺي آر.ڊي-418 تائين سڄي پاسي بگٽين جو قبائلي علائقو آهي، جتي سندن گهر ۽ ڳوٺ آباد آهن. پٽ فيڊر جي آر.ڊي-125 جي ڀرسان سئي گئس جو علائقو آهي، جتان گئس پوري ملڪ کي ملي رهي آهي.پٽ فيڊر جي آر. ڊي- 418 ڪراس ريگيوليٽر کان ٻہ شاخون کٻي پاسي کان نڪرن ٿيون. هڪ نصيرآباد شاخ 14 ميل ڊگهي آهي ۽ ڏکڻ طرف وڃي ٿي. ٻي شاخ جهڏير آهي، جيڪا ڊيگهہ ۾ اٽڪل 22 ميل آهي، ان جي پڇڙي اڳوڻي ڦٽل نصيرآباد شھر جي ڀرسان آهي، جيڪو هاڻوڪي جهٽ پٽ شھر کان 3 ميل اتر طرف آهي. هن شاخ تي جهڏير شاخ جو نالو انهيءَ ڪري پيو آهي، جو ڪوئيٽا، جيڪب آباد، روڊ جي ڀرسان منگولي ريلوي اسٽيشن جي سامهون، ڏکڻ طرف تمام قديم زماني جو ڦٽل جهڏير جو دڙو آهي، جنهن دڙي جو احوال تاريخن ۾ بہ ملي ٿو. جهڏير شاخ مان آر. ڊي- 23 جي ڪراس ريگيوليٽر وٽان هڪ ٻي شاخ نڪري ٿي، جنهن جو نالو آهي ٽيمپل ديرو شاخ. ان جي ڊيگهہ 20 ميل آهي ۽ ان جي پڇڙي جهٽ پٽ شھر ڀرسان ٿئي. ٽيمپل ديرو شھر جو هاڻي نالو ديرو مراد جمالي آهي، جيڪو نصير آباد ڊويزن جي ڪمشنر جو هيڊ ڪوارٽر ۽ وڏو شھر آهي. حقيقت ۾ پٽ فيڊر جي پاڻيءَ جي آبادي آر.ڊي-418 کان شروع ٿئي ٿي. هن کان مٿي R.D.O يعني هيڊ تائين پٽ فيڊر تي ڪا بہ آبادي ڪا نہ ٿي ٿئي، اهو سمورو علائقو واري ۽ دڙا آهن، زمين جي مٿانهين گهڻو مٿي آهي، واھہ جو پاڻي هيٺ وهي ٿو، جنهنڪري زمين تي پاڻي ڪو نہ ٿو چڙهي، انهيءَ ڪري ان هنڌ ڪو بہ فصل ڪو نہ ٿو ٿئي، صرف سڄي پاسي کان رهندڙ بگٽي ۽ سندن ماڻهو پيئڻ لاءِ پاڻي کڻي ويندا آهن، سندن هن پوري علائقي ۾ پري پري ڳوٺ آهن. پٽ فيڊر جي آر.ڊي- 90 تي روڊ پُل آهي، جيڪو جيڪب آباد کان ڪوئيٽا روڊ وڃي ٿو. هيءُ پُل ديري مراد جمالي شھر جي بلڪل ڀرسان آهي.پٽ فيڊر جي آر.ڊي- 505 تي ڪراس ريگيوليٽر آهي، جتان ٻہ شاخون کٻي طرف نڪرن ٿيون:جهٽ پٽ شاخ: جهٽ پٽ شاخ اٽڪل 18 ميل ڊگهي آهي، پٽ فيڊر کان اوڀر طرف جهٽ پٽ شھر جي ڀرسان وڃي ختم ٿئي ٿي. هيءَ شاخ جيڪب آباد-ڪوئيٽا ويندڙ رستي کان 3 ميل پري ڏکڻ طرف آهي. هن شاخ جي آر.ڊي-60 ڀرسان دنيا جو مشھور ڦٽل جهڏير جو دڙو آهي. هن شاخ جي آر.ڊي-18 مان وري هڪ ٻي شاخ محبت پور نڪري ٿي، جنهن جي ڊيگهہ 16 ميل آهي ۽ روجهاڻ جماليءَ ڳوٺ ڀرسان وڃي ختم ٿئي ٿي.باري شاخ: هيءَ اٽڪل 22 ميل ڊگهي شاخ آهي، هن جي پڇڙي اوستا محمد شھر جي ڀرسان وهندڙ کير ٿر ڪئنال وٽ ٿئي ٿي. باري شاخ مان آر.ڊي-20 کان هڪ ٻي شاخ بالان نڪري ٿي، ان جي ڊيگهہ بہ اٽڪل 20 ميل آهي. هن جي پڇڙي بہ وڃي کيرٿر ڪئنال وٽ ٿئي ٿي.پٽ فيڊر جي آر.ڊي-558 ڪراس ريگيوليٽر کان ٻہ شاخون کٻي طرف نڪرن ٿيون. هڪ عمراڻي شاخ، جيڪا هتان جي رهاڪو عمراڻين جي نالي تي آهي، هن جي ڊيگهہ 21 ميل آهي. هن جي آر.ڊي-20 کان هن مان هڪ ٻي شاخ جنهن جو نالو روپا شاخ آهي، نڪري ٿي. هيءَ 20 ميل ڊگهي آهي ۽ وڃي تنبو شھر وٽ ختم ٿئي ٿي. عمراڻي شاخ بہ تنبو شھر وٽ ختم ٿئي ٿي، جيڪو عمراڻين جو شھر ۽ ضلعي جو هيڊڪوارٽر آهي. پٽ فيڊر جي آر. ڊي- 558 ڪراس ريگيوليٽر کان ٻي نڪرندڙ مگسي شاخ آهي، جيڪا 20 ميل ڊگهي آهي، ان جي پڇڙي بہ کيرٿر ڪئنال ڏانهن وڃي ٿي، پٽ فيڊر جي پڇڙيءَ جو ڪراس ريگيوليٽر آر.ڊي-624 تي آهي ۽ هتي پٽ فيڊر جي پڄاڻي آهي ۽ هن هنڌ کان پٽ فيڊر مان ٽي شاخون نڪرن ٿيون، هڪ مراد شاخ، ٻي قبولو شاخ جيڪا هتان جي وڏي ۽ نئين قبولي جي نالي تي آهي، ۽ ٽين شاخ آهي ٽيل شاخ، جيڪا گندا واھہ شھر ۽ جهل مگسيءَ ڏانهن وڃي ٿي. هر هڪ شاخ جي ڊيگهہ 20 ميل آهي ۽ مختلف پاسن ڏانهن وڃن ٿيون، اهڙيءَ طرح پٽ فيڊر جي ڪشمور کان هلي هتي پڄاڻي ٿئي ٿي.پٽ فيڊر جي پاڻيءَ جي آبادي آر.ڊي-418 کان شروع ٿئي ٿي ۽ آر.ڊي-624 تي پٽ فيڊر ختم ٿئي ٿو، اتان بہ 20 ميل اڃا اڳتي پٽ فيڊر جو پاڻي شاخن ۾ وهي آبادي ڪرائي ٿو. يعني اٽڪل 60 ميل ڊيگهہ ۾ ۽ اٽڪل 20 ميل ويڪر ۾ اهو سڄو علائقو جيڪو پاڻيءَ جي هڪ قطري لاءِ سڪندو هو ۽ انهيءَ سڄي ايراضيءَ ۾ انسان ذات جو ڪو بہ نانءُ نشان ڪو نہ هو، اتي هاڻي پاڻيءَ اچڻ کان پوءِ وڏا ڳوٺ آباد ٿي ويا آهن. گهڻي وڻڪاري ۽ زمينون آباد ٿي ويون آهن، جيڪي ماڻهو مانيءَ جي هڪ ويلي لاءِ محتاج هئا، اهي هن وقت سٺن گهرن ۾ رهن ٿا. خوشحال ۽ آسودا آهن.پٽ فيڊر جي هن علائقي ۾ کوسا، شر، سيد، جمالي، ڪٽوهڙ، ڇلگري، بروهي، عمراڻي، ابڙا ۽ ڪجهہ هندو بہ رهن ٿا، جن جون زمينون آهن ۽ وڏا زميندار آهن. وڏا ڪارخانا، پيٽرول پمپ ۽ ڳوٺن ۾ بجلي اچي وئي آهي، جنهنڪري ڳوٺ روشن ٿي ويا آهن.


لفظ پٽ فيڊرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو