پٽ فيڊر واھہ: هيءُ واھہ گُڊو بئراج جي ساڄي پاسي کان نڪرندڙ ڊيزرٽ پٽ فيڊر واھہ مان ڪشمور وٽان نڪري ٿو. هن واھہ جي ڊيگهہ 624 ’آرڊيون‘ يا 125 ميل آهي. پٽ فيڊر پهريان 25 ميل سنڌ ۾ آهي، باقي 100 ميل بلوچستان مان وهي ٿو. هيءُ پورو واھہ هڪ غير آباد پٽ واري علائقي مان نڪتل آهي، جنهنڪري هن واھہ تي ’پٽ فيڊر‘ نالو رکيو ويو. پٽ فيڊر واھہ تي 6 ڪراس ريگيوليٽر ۽ ٻہ روڊ برجون آهن. پٽ فيڊر واھہ صرف هڪ پاسي، کاٻي کي آباد ڪري ٿو. هن واھہ تي ساڄي پاسي کان ڪا بہ شاخ نٿي نڪري.