پٽ ڪينئن جي تصوير
پٽ ڪينئون (Silk Worm ):چين دنيا جو پهريون ملڪ آهي، جنهن پٽ ڪينئن پالڻ جي شروعات ڪئي، انهيءَ ڪري چين کي جيڪڏهن ريشم جو ملڪ چئجي ته ان ۾ ذري برابر به وڌاءُ نه ٿيندو. چين جي پٽ ڪينئن پالڻ جي تاريخ پنج هزار سال پراڻي آهي، هن وقت دنيا جي 50 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ريشم سازيءَ جو ڪم هلي ٿو، جن مان ڪجهه ملڪن جا نالا هي آهن: (1) چين (2) جپان (3) هندستان (4) روس (5) ڏکڻ ڪوريا (6) ٿائليـنڊ (7) برازيل (8) اتر ڪوريا (9) ايران (10) بلغاريه (11) ترڪي وغيره.پاڪستان ۾ پٽ ڪينئن پالڻ جو ڪم 1947ع کان اڳ پنجاب ۾ شروع ٿيو هو، ليڪن سنڌ ۾ فني ماهرن جي کوٽ ۽ توت جي پوک جي گهٽتائيءَ ڪري اهو ڪم ڪافي دير سان يعني 1977ع ۾ حڪومت سنڌ جي ٻيلي کاتي طرفان اهڙي اسڪيم تيار ڪري ان تي عمل ڪيو ويو، جنهن اسڪيم جو خاص مقصد ٻهراڙيءَ جي ماڻهن کي روزگار مهيا ڪري، سندن مالي حالت سڌارڻ آهي. جيئن ته پٽ ڪينئن جي خوراڪ توت جو پن آهي، ان ڪري پٽ ڪينئن جي پالنا کان اڳ سندن خوراڪ يعني توت جي پوک جو انتظام ڪرڻ ضروري آهي. پٽ ڪينئن جي آنن کي پٽ يا ريشم جو ٻج (Silk Seed) چيو ويندو آهي. اهي ٻج پرڏيهي ملڪن جهڙوڪ: جپان، ڪوريا ۽ چين وغيره مان گهرايا ويندا آهن اهي ٻاهران گهرايل آنا هڪ ننڍي ڦڙڪي جي پيتي ۾ بند هوندا آهن، جنهن پيتيءَ کي ٻنهي پاسن کان ململ جو سنهڙو ڪپڙو لڳل هوندو آهي ته جيئن آنن کي هوا پهچي. هڪ پيتيءَ ۾ 20 هزار آنا هوندا آهن، جن جو وزن 12 گرام هوندو آهي. انهيءَ مان 8 کان 10 ڏينهن اندر پٽ ڪينئون نڪري نروار ٿيندو آهي، جنهن جي خوراڪ توت جا ڪتر ڪيل پن هوندي آهي. هيءُ ڪينئون 28 کان 30 ڏينهن اندر ريشم ڏئي پنهنجو ڪم مڪمل ڪندو آهي. هن جا پنج مرحلا ۽ چار ننڊون ٿينديون آهن. هر هڪ ننڊ (Moutling) جي وچ ۾ چئن کان پنجن ڏينهن جي وٿي هوندي آهي. پر آخري مرحلو 9 کان 10 ڏينهن جو ٿيندو آهي. پٽ ڪينئن جو وٿاڻ تمام سادو هوندو آهي. ڪاٺين مان هڪ منجڻ تيار ڪري ان ۾ چار يا پنج خانا ٺاهبا آهن. پهريون خانو زمين کان هڪ فوٽ مٿي هوندو آهي. باقي ٻين خانن جي وچ ۾ ڏيڍ فوٽ جي وٿي هوندي آهي ته جيئن پٽ ڪينئن کي پن ڏيڻ ۽ صفائي ڪرڻ ۾ سهوليت ٿئي. منجڻ مٿان تڏا يا ڪانن جون پترون رکي انهن مٿان وري اخبار وغيره وڇائي پٽ ڪينئن کي آرام سان پالي سگهجي ٿو. کٽن تي به اهو ڪارج ڪري سگهجي ٿو. پٽ ڪينئن کي پالڻ لاءِ سٺي موسم بهار جي آهي، جنهن ۾ 15 فيبروري کان 15 اپريل تائين ٻه دفعا پٽ ڪينئون پالي سگهجي ٿو. ساڳيءَ طرح وري سرءُ جي موسم ۾ پهرئين آڪٽوبر کان 03 نومبر تائين ٻه دفعا پالي سگهجي ٿو. تجربي ثابت ڪيو آهي ته هڪ ايڪڙ توت جي نرسريءَ تي 5 پيتيون ريشم جي ٻج جون سال ۾ ٻه دفعا پالي اٽڪل 20 هزار رپيا آسانيءَ سان ڪمائي سگهجن ٿا. پٽ ڪينئن پالڻ ذريعي ڳوٺاڻن جي مالي حالت بهتر ٿئي ٿي. آبادگار ۽ هاري گهڻو ڪري بهار جي موسم ۾ ڪم ڪار کان واندا هوندا آهن. جنهن واندڪائيءَ جو فائدو وٺي هو پٽ ڪينئن ذريعي ڪافي پئسو ڪمائي سگهن ٿا. سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن اندر رهندڙ خاص ڪري پرده نشين عورتون هن ريشم سازيءَ جي هنر ۾ دلچسپي وٺي گهر ويٺي نهايت مناسب آمدني حاصل ڪري سگهن ٿيون. ريشم سازيءَ ۾ ترقي حاصل ڪرڻ سان اسان جو ڪافي پرڏيهي ناڻو، جيڪو ٻاهرين ملڪن مان ريشم گهرائڻ تي خرچ ٿئي ٿو، سو بچي پوندو. پٽ ڪينئن ۾ ڪم ايندڙ توت جي ٻوٽن مان اسان کي جلائو ڪاٺيون ملڻ سان گڏ ٽوڪرين ٺاهڻ جو مال پڻ مهيا ٿيندو آهي. پٽ ڪينئن جون ڦونگڻيون ۽ ٻيو گند ڪچرو ڪڪڙين ۽ مڇين جي بهترين خوراڪ آهي. اهو گند ڪچرو مڇين جي تلائن ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. ان کان سواءِ ريشم جي ڍيرن مان ابريشم جو شربت ۽ دماغي ڪمزورين جا خميرا پڻ تيار ڪيا ويندا آهن.