پپري: هن نالي سان سنڌ ۾ گهڻيون ئي ديهون ۽ ڪيترائي ڳوٺ آباد آهن. هڪ ديھہ تعلقي گنبٽ ۾ موجود آهي، جنهن ۾ ٽي ڳوٺ آباد آهن: هن نالي سان ٻي ديھہ ضلعي ۽ تعلقي دادوءَ ۾ موجود آهي، جنهن ۾ گهڻا ئي ڳوٺ آباد آهن، جن ۾: سلطان ٻوڪ، غازي پنهور، ٻرڙا، ڪرم خان، راوت، زنئور، قيصر زنئور، نبي بخش پنهور، فتح خان زنئور، حسن پنهور، سلطان ڀنڊ، ارباب پنهور، رحمت ﷲ ڀنڊ، عبدالفتح شاھہ، لاکا الھندو ٻرڙو، بچل ٻوڪ، پير شاھہ، ڌامراھہ پنهور، شاھہ زنئور، پپري پٽوها، ڀنڊ ڳوٺ، ڳوٺ ٻوڪ. ساڳئي نالي سان ضلعي دادوءَ جي تعلقي ميهڙ ۾ بہ هڪ ديھہ آهي، جنهن ۾ هي ڳوٺ شامل آهن: پپري، ڪنڊو مهيسر، رکيو مهيسر، پريتم داس، بھرام کوسو ۽ دين محمد. يونين ڪائونسل گهگهر، تپي درساڻي ڇني، تعلقي ملير ڪراچي ۾ بہ پپري نالي ديھہ موجود آهي. هن ديھہ جون حدون ريلوي لائين کان سمنڊ ڪناري تائين آهن. پپري ڍوري ۾ پپر جي وڻن جي گهڻي تعداد ۾ هئڻ ڪري هن کي پپري چيو ويو. هن جو پراڻو نالو پپر آهي. پپري ڍورو، کاري وارو ڍورو، کاري ڊهي وارو پٽ، جبل ۽ ٽڪريون بہ هن ۾ شامل آهن. تعلقي ميرپورماٿيلي جي هڪ ديھہ جو نالو بہ پپري آهي، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: علي مراد جلباڻي، دليل جلباڻي، پپري، بھرام جلباڻي، محمود ڪورائي، شاهل خان لغاري ۽ محراب پتافي. پپري يا پنپري نالي هڪ ننڍو شھر ڀارت جي شھر پوني لڳ، پوني بمبئي روڊ تي موجود آهي، جتي سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترا اديب رهن ٿا.