پٿرالي رس
پٿرالي رس: هيءَ هڪڙي قسم جي رطوبت آهي، جيڪا پٿرن تي پيدا ٿيندي آهي. اُن کي ”گورگندم“ بہ چوندا آهن. فارس جي قبرن مان دريافت ٿي آهي. هيءَ رس، رنگ ۾ خاڪي، هيڊي چٽ تي، ذائقي ۾ ڦڪي ٿئي ٿي. وهندڙ رت کي بند ڪري ٿي. ماکيءَ ۽ پاڻيءَ ۾ گڏي اُس تي رکجي تہ شراب کان وڌيڪ نشيدار ٿئي ٿي.