پَٿراڻي: اهو وڇاڻو، جيڪو هنڌ بستري ۾ ڪم اچي ۽ جنهن ۾ ڪپھہ ڀريل هجي. ان کي ”رضائي“ بہ چوندا آهن. رليءَ جي مقابلي ۾ پٿراڻي وڌيڪ نرم هوندي آهي، جنهنڪري آسودگيءَ لاءِ کٽ توڙي پٽ تي وڇائڻ سان هنڌ/ بسترو نرم ٿيندو آهي، عام طرح پٿراڻي ڇھہ فوٽ ڊگهي ۽ چار فوٽ ويڪري رکندا آهن. ان کان گهٽ ماپ جون بہ پٿراڻيون ٺهنديون آهن. پٿراڻيءَ لاءِ ٽي شيون ضروري آهن: هڪڙي کل، جنهن ۾ ڪپھہ پوي، ٻي ڪپھہ، (پٿراڻيءَ ۾ چار ڪلو کن ڪپھہ وجهندا آهن) ۽ ٽيون ڇَهُه يا ڇَو، جيڪو پٿراڻيءَ کي ميري ٿيڻ کان بچائي ٿو. ڪي ماڻهو پٿراڻيءَ ۾ سُرهيون پسارڪيون شيون وجهندا آهن، جن کي ”بُويون“ چوندا آهن، جڏهن تہ سرديءَ کان بچڻ لاءِ مٿان وجهڻ واري رضائيءَ کي ’سوڙ‘ بہ چئبو آهي، پر سوڙِ ڪجهہ وڏي ۽ ڳري ٿيندي آهي.