پٿرجڻ

پٿرجڻ: هي ٻيڙياتن جو اصطلاح آهي. ٻيڙي ٺاهڻ واري شروعات کي ”ٻيڙيءَ جو پٿرجڻ“ چوندا آهن. اول ۾ جيتري ڊيگهه ويڪر جي ٻيڙي ٺاهڻي هوندي آهي، اوترا هٿ يا نريون ڪنهن ڏوري تي هڻي (يعني جيڪڏهن ٽيهه هٿ، يا چاليهه هٿ) ماپي، زمين تي ڪليون هڻي، ڏوريءَ جا ڇيڙا ڪلين ۾ ٻڌي ٻيڙيءَ جو تَرُ ٻڌبو آهي. ڊيگهه جون ٻه ڪليون، ۽ ويڪر جون ٻه ڪِليون هڻندا آهن. انهن چئن ڪِلين جي وچ ۾ پسون بيهاريندا آهن. پسون ٻيڙيءَ جي اندران سڄي تري ۾ جڙيل ڪاٺيءَ جي ٻنڌ کي چوندا آهن. پَسُن مٿان ٻيڙيءَ جي تَرَ جون ڦرهيون لوهه جي ڪيرن يا ڪلين سان ٽِڪائي، ٻيڙي جو تر تيار ڪرڻ کي ”ٻيڙيءَ جو پٿرجڻ“ چوندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو